Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

هڻندا هئا ۽ گهڻو ڪري سِرن جو ڍير لڳل رهندو هو، اُتي هاڻي شِيشو، (۽) لوهه ڳارڻ جي بٺي لڳل آهي، ان ڪارخاني ۾ شيشي جا ٿانو ٺاهيا ويندا آهن، ان شيشي ۽ لوهه کي ڳارڻ واري بٺي بلڪل ٺيڪ جنهن جڳهه تي قبر ٺهيل هئي، اُتي ٺهيل آهي. ڄڻ يزيد جي قبر تي هر وقت باهه ٻرندي رهي ٿي. (شهادت نواسه سيد الابرار، ص 918)

وہ تَخت ہے کس قَبر میں وہ تاج کہاں ہے

اے خاک بتا زورِ یزید آج کہاں ہے

نہ ہی شِمَر کا وہ سِتَم رہا نہ یزید کی وہ جَفا رہی

جو رہا تو نام حُسَین کا ، جسے زندہ رکھتی ہے کربلا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان ته نبيء اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اهلبيت اطهار سان دشمني رکڻ ۽ انهن کي اذيّت پهچائڻ وارن جو ڪيڏو بدترين انجام ٿيندو آهي جو مرڻ کان بعد انهن کي ڪفن به نصيب ناهي ٿيندو، دنيا ۾ به ذلّت انهن جو مقدر بڻجي ويندو آهي ۽ آخرت ۾ به انهن کي رُسوائي درپيش هوندي ۽ پڻ انهن جو ٺڪاڻو جهڻّم جي باهه آهي.

نبيء اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي؛ جنهن شخص منهنجي اهلبيت تي ظُلم ڪيو ۽ مون کي منهنجي عِترتِ پاڪ (يعني اولاد ) جي باري ۾ اذِّيت ڏني، ان تي جنّت حرام ڪئي وئي. (برڪات آل رسول، ص 259) هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ ارشاد فرمايو