Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

ڏانهن ڪوفي ۾ موڪلي. مختار دارالامارات ڪوفي کي سينگاريو ويو ۽ اهل ڪوفه کي جمع ڪري انهيءَ جڳهه تي اِبنِ زياد جي ناپاڪ مُنڍي رکي وئي جتي ان حڪومت جي غرور ۽ دنيا جي غلام حضرت امامِ حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن جو سر مبارڪ رکيو هو، مختار اهل ڪوفه کي خطاب ڪري چيو ته اي اهل ڪوفه! ڏسي وٺو ته حضرت سيدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي خونِ ناحق ابن زياد کي نه ڇڏيو اڄ ان نامراد جو سر ان ذلت ۽ رسوائي سان گڏ هتي رکيل آهي، 6 سال ٿيا آهن، اها ئي تاريخ، اها ئي جڳهه آهي، خداوندِ عالم هن مغرور، فرعون جي خصلت واري کي اهڙي ذلت ۽ رسوائي سان هلاڪ ڪيو، انهي ڪوفي ۽ انهي دارالامارت ۾ هن بي دين جي قتل ۽ هلاڪت تي جشن ملهايو پيو وڃي۔ (سوانح ڪربلا ص 182)

عِماره بن عُمَير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته جڏهن عبيدالله ابنِ زياد بد نهاد ۽ ان جي ساٿين جون (ڪٽيل) مُنڍيون آڻي مسجد جي صحن ۾ رکيون ويون ته مان انهن وٽ ويس، ۽ ماڻهو چوڻ لڳا؛ ” آيو آيو“ (مون ڏٺو) ته هڪ نانگ آيو، جيڪو سڀني مُنڍين جي وچ مان ٿيندو عبيد الله ابنِ زياد بد نهاد جي (منڍيءَ وٽ پهچي ڪري ان جي) ناسن ۾ داخل ٿي ويو ۽ ٿوري دير ترسي هليو ويو ايتري تائين جو غائب ٿي ويو، (ٿوري دير کان پوءِ) ماڻهو وري چوڻ لڳا؛ ”آيو، آيو“ ٻه يا ٽي ڀيرا ايئن ئي ٿيو۔ (سنن ترمذي ج 5 ص531 حديث 3805 دارالفڪر بيروت)

ظالمن کي ڪهڙي خبر ته شهيدن جو رت رنگ لائيندو ۽ سلطنت جا پُرزا اڏي ويندا۔ هر اهو شخص جيڪو امامِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي