Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

جن پنهنجي گھوڙي تي سُوار ٿي ڪري يزيدي لشڪر جو رُخ ڪيو ۽ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ايتري بلند آواز ۾ سڏ ڏنو، جنهن کي سڀني ماڻهن ٻڌو، جيئن ته ارشاد فرمايو: اي انسانو! منهنجي ڳالھ ٻڌو ۽ جلد بازي جو مُظاہَرو نه ڪريو، ايستائين جو آئون اوهان کي ان شيء جي مُتَعَلّق نصيحت نه ڪريان، جيڪا مون تي لازِم ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي اچڻ جو عُذر بيان نه ڪري وٺان۔ بس جيڪڏهن توهان منهنجو عُذر قبول ڪري وٺو، منهنجي ڳالھ جي تصديق ڪريو ۽ منهنجي باري ۾ اِنصاف سان ڪم وٺو ته توهان ان معاملي ۾ بامُراد ٿي ويندا ۽ توهان کان منهنجي مُتَعَلّق ڪو مُواخَذو (يعني سوال) به نه ٿيندو۔ ہا! جيڪڏهن توهان منهنجو عُذر قبول نه ڪندؤ ته ٻڌو! پوءِ هي آياتِ مُبارَڪه تلاوت فرمائي:

فَاَجۡمِعُوۡۤا اَمۡرَکُمۡ وَ شُرَکَآءَکُمۡ ثُمَّ لَا یَکُنۡ اَمۡرُکُمۡ عَلَیۡکُمۡ غُمَّۃً ثُمَّ اقۡضُوۡۤا اِلَیَّ وَ لَا تُنۡظِرُوۡنِ ﴿۷۱﴾

 

ترجمو ڪنز الايمان؛ پوءِ توهان سمورا پنهنجي ڪوڙن معبودن سميت پنهنجو ڪم پڪو ڪيو ته پوءِ توهان جي ڪم ۾ ڪو چگهه توهان تي نه رهي پوءِ جيڪو ٿي سگهيوَ منهنجي واسطي فيصلو ڪيو ۽ مون کي مهلت نه ڏيو

 

اِنَّ وَلِیَِّۧ اللہُ الَّذِیۡ نَزَّلَ الۡکِتٰبَ ۫
ۖ
وَ ہُوَ یَتَوَلَّی الصّٰلِحِیۡنَ ﴿۱۹۶﴾

 

ترجمو ڪنز الايمان؛ بيشڪ منهنجو والي الله آهي جنهن ڪتاب لاٿو ۽ اهو نيڪن کي دوست رکندو آهي.