Book Name:Shan e Sahaba

خلافت اِمامت وِلایت کرامت

 

ہر اِک فضل پر اِقتدارِ صحابہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! حضرتِ سَيِّدُنا عبدُاللہ بن مسعود رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ڪيتري خُوبصورت اَنداز ۾ صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي عظمت ۽ اَہَميّت جي مُتَعلِّق مدني گُل ارشاد فرمايا۔ يقينًا حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو تَربِيت يافته ہر هڪ صحابي رهنمائي ۽ ہدايت جو سَرچشمو آهي۔ ڇو جو پُوري اُمَّت ۾ صرف صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان کي ئي تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قُربت ۽ صُحبت کان فيضياب (فَيضۡ۔ياب) ہئڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ انهيءَ سبب انهن کي اهڙي عَظَمَت ۽ شَرافت نصيب ٿي جيڪا ڪنهن غَيرِ صحابي کي حاصل نٿي ٿي سگھي۔ جيئن ته سُلطانِ عَرَب، محبوبِ ربّ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: توهان جو جبل برابر سَون خَيرات ڪرڻ منهنجي ڪنهن صحابي جي سَوا سَير جَو خَيرات ڪرڻ بلڪه ان جي اَڌ جي برابر به نٿو ٿي سگھي۔“

(بخاری،کتاب فضائل اصحاب النبی،باب قول النبی لو کنت متخذا خلیلا، ۲ /۵۲۲،حدیث: ۳۶۷۳)

مُفَسّرِ شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرتِ مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان ان حديث پاڪ جي شرح ڪندي اِرشاد فرمائن ٿا: يعني منهنجو صحابي تقريبًا سَوا سَير جَوَ خَيرات ڪري ۽ اُن کان علاوه ڪو ٻيو مُسلمان چاهي غَوث ۽ قُطب ہجي يا عام مُسلمان هجي، جبل برابر سَون خيرات ڪري ته اُن جو سَون قُربِ الٰہي ۽ قَبوليت ۾ صَحابي جي سَوا سير کي نه ٿو پهچي سگھي، اهڙي طرح روزي، نماز ۽ سمورين عبادتن ۾ به آهي۔ جڏهن مسجدِ