Book Name:Shan e Sahaba

کي ”ہدايت جا ستارا(چوندي تذڪرو) فرمايو ۽ ٻي حديث ۾ پنهنجي اَہلِ بيت رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم کي ”ڪشتيء نُوح“ فرمايو، سَمُنڊ جو مُسافر، ٻيڙي جو به حاجت مند هوندو آهي ۽ تارن جي رَہبري جو به، جہاز ستارن جي رَہنمائي تي ئي سَمُنڊ ۾ هلندا آهن۔ اهڙي طرح اُمّتِ مُسلِمه پنهنجي اِيماني زِندگي ۾ اَہلبيتِ اَطہار رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم جا به مُحتاج آهن ۽ صحابهء ڪِبار رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم جا به حاجت مند، اُمّت جي لاءِ صحابه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم جي اِقتداء ۾ ئي اِقتِداء يعني ہدايت آهي۔([1])

اَہلِ سُنَّت کا ہے بیڑا پار،اَصحابِِ حُضور

نجم ہیں اور ناؤ ہے عِترت رَسُوْلُ اللہ کی

(حدائقِ بخشش)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو بي مثال ڪردار ۽ پاڪيزہ اخلاق، اُمَّت جي اِصلاح ۽ تَربِيت جي حوالي سان وڏي اَہَميت جو حامل آهن، فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي ” مِثْلُ اَصْحَابِیْ فِيْ اُمَّتِيْ كَالْمِلْحِ فِي الطَّعَامِ لَا يَصْلَحُ الطَّعَامُ اِلَّا بِالْمِلْحِ ، يعني منهنجي صحابه جو مثال منهنجي اُمّت ۾ ”کاڌي ۾ لوڻ“ وانگر آهي جو کاڌو بغير لوڻ جي دُرُست نه هوندو آهي۔“([2]) يعني جيئن لوڻ ته ٿورو هوندو آهي، پر پوري کاڌي کي دُرُست ڪري ڇڏيندو آهي، ايئن ئي منهنجا صحابه منهنجي اُمّت ۾ آهن ته ٿورا، پر سڀني جي اِصلاح اِنهن جي ذريعي ئي آهي۔ ريل جو پہرين دٻو جيڪو اِنجڻ



[1]…مرآۃ المناجیح، ۸/۱۷۹

[2]… شرح السُّنۃ،کتاب فضائل الصحابۃ،باب فضل الصحابۃ،۷/۷۶،حدیث:۳۸۶۳