Book Name:Shan e Sahaba

اَصْحَابِي فَاِنَّهُمْ خِيَارُكُمْ ([1])يعني منهنجي صحابه (رِضۡوَانُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن) جي عزّت ڪريو ڇو ته اهي توهان جا نيڪ ترين ماڻهو آهن۔ مزيد فرمايو:” خَيْرُ اُمَّتِي اَلْقَرْنُ الَّذِينَ يَلُوْنِي ثُمَّ الَّذِينَ يَلُوْنَهُمْ ثُمَّ الَّذِينَ يَلُوْنَهُمْ ([2]) يعني منهنجي اُمّت ۾ سڀ کان بہتر منهنجي زماني وارا آهن (يعني صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان) پوءِ اُن کان بعد وارا ماڻهو (يعني تابعين) پوءِ اُن کان بعد وارا ماڻهو آهن (تبعِ تابعين) رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِم اَجۡمعِیۡن ۔“

ڪجھ اُهي صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان به آهن جن جي نُمايان ڪارنامن جي سبب نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو شان ۽ عظمت نالو وٺي ڪري ڪجھ هن طرح بيان فرمايو آهي ته ابُوبڪر منهنجي اُمَّت۾ سڀ کان وڌيڪ نَرم دل ۽ رَحم دل شخص آهي ۽ عمر بن خَطاب منهنجي اُمَّت ۾ بهترين ۽ سڀ کان وڌيڪ اِنصاف ڪرڻ وارو شخص آهي ۽ عثُمان بن عَفَّان منهنجي اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ باحيا ۽ عزت وارو آهي ۽ علي بن ابي طالب منهنجي اُمَّت ۾ عقلمند ۽ سڀ کان وڌيڪ بَہادُر شخص آهي ۽ عبدُاللہ بن مَسعُود منهنجي اُمَّت ۾ نيڪ ۽ اَمانت دار شخص آهي ۽ ابُوذَر هن اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ زاہد ۽ سچو انسان آهي ۽ ابُو دَرْدَه منهنجي اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ عِبادت گُذار ۽ مُتَّقِي شخص آهي ۽ مُعاويه بن سُفيان منهنجي اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ بُردبار ۽ سخي شخص آهي۔ (کنزالعمال،ج۷ ص: ۳۴۴،حدیث:۳۳۶۶۶) وڌيڪ فرمايو :آئون اَہلِ عرب مان سڀ کان پهريان جنَّت ۾ داخل ٿيڻ وارو آهيان ۽ سَلمان اَہلِ فارس مان سڀ کان پہريان جنَّت ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي ۽ صُہَيب، رُومين مان سڀ کان پہريان جنَّت ۾ داخل ٿيڻ وارو آهن ۽ بِلال،



[1]…مشکاۃ المصابیح،کتاب المناقب، باب مناقب الصحابۃ، ۲/۴۱۳،حدیث: ۶۰۱۲

[2]…مسلم،کتاب فضائل الصحابہ باب فضائل الصحابہ...الخ ،ص،حدیث: ۲۵۳۵