Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ پاڪ مان اُهي ماڻهو عِبرت حاصِل ڪن جيڪي پنهنجي ٻارن جا نالا ڪنهن گلوڪار، فِلمي اداڪار يا مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ڪافرن جي نالن تي رکي ڇڏيندا آهن، ان کان وڌيڪ بَدتَرين ذِلّت ڇا هوندي جو مُسلمان جي اولاد کي ميدانِ مَحشَر ۾ ڪافرن جي نالن سان سڏيو وڃي۔ وَالعِيَاذُ بِاللّٰه ، اسان جي مُعاشَري ۾ ٻار جي نالي جو انتخاب ڪرڻ جي ذميداري عام طور تي ڪنهن قريبي رشتيدار مثلاً ڏاڏي، پُڦي، چاچي وغيرہ کي سونپي ويندي آهي ۽ اڪثر ڪري علمِ دِين کان دُوري جي سبب اهي ٻار جو اهڙو نالو رکي ڇڏيندا آهن، جنهن جو ڪو مَطلب ئي نه هوندو آهي يا وري سٺي مَعنٰي نه هوندي آهي، يا وري نالو شرعًا دُرست نه هوندو آهي، اهڙا نالا رکڻ کان بچڻ گھرجي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو نالو به ڳوليو ويندو آهي جيڪو گھر، خاندان، محلي ۾ پري پري تائين ڪنهن جو به نه هجي، جڏهن به ڪو ٻڌي ته فورًا هي چوي ته اهو نالو ته پهريون ڀيرو ٻڌو آهي، ڪيڏو نه زبردست نالو رکيو آهي! اهي لفظ ٻڌي نالي رکڻ وارو ڪپڙن ۾ ناهي ماپندو، پر اهڙن کي سوچڻ گھرجي ته متان ڪٿي اها خوشي حُبِّ جاھ (يعني تعريف جي خواهش) جي مرض جو نتيجو ته ناهي؟، تنهنڪري اَنبِياءِ ڪِرام عَلِيـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي اسماءِ مبارڪه، صحابهِ ڪِرام، تابعين عُظام ۽ اولياءِ ڪِرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام جي نالن تي نالا رکڻ گھرجن جنهن جو هڪ فائدو هي ٿيندو ته ٻار جو پنهنجي اَسلاف ڪرام (يعني بُزرگن) سان روحاني تعلق قائم ٿي ويندو ۽ ٻيو انهن نيڪ هستين جو نالو رکڻ جي برڪت سان ٻار جي زندگي تي مدني اثرَ مرتب ٿيندا۔ نالن جي حَوالي سان وڌيڪ دِلچسپ ۽ حيرت انگيز مَعلُومات حاصِل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينة جو شايع ٿيل تقريبًا 180صَفَحن تي مُشتمِل ڪتاب نام رکھنے کے احکام جو مُطالَعو