Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

ڪندي مهل هٿ ملائڻ واري جو منڊي کي بي وضو هٿ لڳائڻ جائز ناهي * اهڙي طرح مردن جي لاءِ هڪ کان وڌيڪ (جائز) مُنڊي پائڻ يا (هڪ کان وڌيڪ) ڇلّا پائڻ به ناجائز آهي. * چاندي جي هڪ منڊي هڪ نگ واري جيڪا وزن ۾ ساڍا چار ماشه (يعني 4 گرام 374 ملي گرام) کان گھٽ هجي پائڻ جائز آهي، ها تڪبُّر يا زنانو سينگار (ليڊيز اسٽائل جو فيشن) يا ٻي ڪنهن غرضِ مَذمُوم (يعني قابل مَذمت مقصد) نيّت ۾ هجي ته رڳو منڊي (ئي) ڇا بلڪه انهيءَ نيّت سان (ته) سٺا ڪپـڙا پائڻ به جائز ناهن ـ (فتاويٰ رضويه ج 22 ص 141) * عيدن تي منڊي پائڻ مُستَحب آهيـ (بهار شريعت ج 1 ص 779، 780) * لوهه جي منڊي تي چاندي جو خول چاڙهيو جو لوهه بلڪل ڏسڻ ۾ نه اچي ته ان منڊي جو پائڻ (مرد ۽ عورت ڪنهن کي به) منع نه آهي (فتاوي عالمگيري ج 5 ص 335) * منَّت (يعني باس) جو دم ڪيل ڌاتو (Metal) جو ڪڙو به مرد کي پائڻ ناجائز ۽ گناهه آهي ايئن ئي مدينه منوّره زادَها اللهُ شَرَفاً وتَعۡظِيۡماً يا اجمير شريف يا ڪنهن درگاھ جا چاندي جا ڇلا يا ڪنهن ٻئي ڌات جا ڇلا ۽ اسٽيل جي منڊي به جائز ناهي * جيڪڏهن ڪنهن اسلامي ڀاءُ ڌاتو جو ڪڙو يا ڇلّو، ناجائز منڊي يا ڌاتو جي زنجير (Chain-Bracelet) پاتي آهي ته هاڻي جو هاڻي لاهي توبهه ڪري ڇڏيو ۽ آئنده نه پائڻ جو عهد ڪيو.

هزارين سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنّتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سفر آهي.