Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه مُسلمانن جي خَيرخُواہي جي جَذبي جي تحت جتي ٻيا شعبا قائم فرمايا آهن، اُتي مَجلِس مڪتُوبات و تَعوِيذاتِ عطاريه جو شعبو به قائم فرمايو آهي، جنهن جي تحت نه صرف مڪتوبات جي ذريعي پريشان حالن جي غمخواري ڪئي ويندي آهي، بلڪه اَميرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي عطا ڪيل تعويذات ۽ اوراد ۽ وظائف جي ذريعي مُختَلف پريشانين جو حل ۽ فِي سَبِيۡلِ اللّٰه بيمارن جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ہر مهيني تقريبًا 1,25,000 (هڪ لَک پنجويھ ہزار) مريضن کي 4 لَک کان وڌڪ تعويذات ۽ اورادِ عطاريه ڏنا ويندا آهن، هي تعويذات توهان ’’تعويذاتِ عطاريه‘‘ جي بستي تان فِي سَبِيۡلِ اللّٰه با آساني حاصِل ڪري سگھو ٿا۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دُھوم مچی ہو!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مرحبا حَسنَين ڪَريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان رحمتِ ڪونين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري قدر محبت ۽ شفقت ڪندا هئا، مزيد عشقِ حَسنَين ڪَريمَين وڌائڻ واري ڳالھ سماعت ڪريو ۽ ايمان تازو ڪريو، جيئن ته عاشقِ صحابه ۽ اہلبيت اعَلِيٰ حَضۡرَتِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه لکن ٿا:

معدوم نہ تھا سایہء شاہِ ثقلین

تمثیل نے اُس سایہ کے دو حصے کیے

 

اُس نور کی جلوہ گاہ تھی ذاتِ حسنین

آدھے سےحسن بنے ہیں آدھے سے حسین