Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

اڪثر مُفَسِّرينِ ڪرام جي راءِ آهي ته هي آيتِ مُبارَڪه حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا عَلِي المُرتَضٰي، حَضۡرَتِ سَيدہ فاطِمه زَہرا، حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حَسَن ۽ حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا اِمَام حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي حق ۾ نازِل ٿي۔ اِمَام احمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه حَضۡرَتِ ابُوسَعيد خُدري رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان رِوايت ڪئي آهي ته هي آيت پَنجتَن پاڪ جي شان ۾ نازِل ٿي۔ پَنجتَن مان مُراد حُضُور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ حَضۡرَتِ عَلِي، حَضۡرَتِ فاطمہ، حَضۡرَتِ اِمَام حَسَن ۽ حَضۡرَتِ اِمَام حُسَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا آهن۔ (سوانح کربلا، ص۷۹،۸۰،ملتقطا)

هڪ رِوايت ۾ هي به آهي ته حُضُور، جانِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن حضرات سان گڏوگڏ پنهنجي صاحِبزادين ۽ قَرابت دارن (يعني رشتيدارن) ۽ اَزواجِ مُطَہَّرات کي به شامِل فرمايو۔ (الصواعق المحرقۃ، الباب الحادی عشر، الفصل الاول، ص۱۴۴)

آيتِ مُبارَڪه جي تَفسِير ڪندي، اِمَام طَبري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه فرمائن ٿا: يعني اي آلِ محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ! اللہ تعالٰي چاہي ٿو ته توهان کان بُرين ڳالھين ۽ فُحش شين کي پَري رکي ۽ توهان کي گُناہن جي ميراڻ کان پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏي۔ (طبری ،پ ۲۲،الاحزاب،تحت الآیۃ۳۳ ،ج۱۰ص۲۹۶)

صَدۡرالاَفاضِل حَضۡرَتِ علامه مولانا سيِّد محمد نعيمُ الدّين مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه فرمائن ٿا : هي آيت ِڪريمه اَہلِ بيتِ اَطهَار جي فَضيلتن جو چشمو آهي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته سمُورا اَخلاقِ دَنِيَّه ۽ اَحوالِ مَذمُومَه (يعني بُري اَخلاقن ۽ اَحوالن) کان انهن جي تطهير فرمائي وئي (يعني اِنهن کي بُري اَخلاقن کان محفوظ رکيو ويو)۔ ڪجھ حديثن ۾ مَروِي آهي ته اَہلِ بيت، باھ تي حَرام آهن (يعني اَہلِ بيت جنَّتي آهن) ۽ هي ان تَطہِير جو فائدو ۽ ثَمر آهي ۽ جيڪا شيء انهن جي