Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

خليفهء دُوُم، جانَشينِ پيغمبر، حضرتِ سيِّدُنا عُمَر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪُنۡيَت’’ابُوحَفۡص‘‘۽ لقَب ’’فاروقِ اَعظم‘‘آهي۔ هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ 39 مَردن کان بعد، خاتَمُ الْمُرسَلين، رَحْمۃٌ لِّلْعٰلَمِیْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دُعا سان اِعلانِ نَبُوَّت جي ڇهين سال اِيمان آندو، انهي لاءِ سندن کي مُتَمِّمُ الْاَربَعِين يعني’’ 40 جو عَدد پُورو ڪرڻ وارو‘‘ چوندا آهن۔ سندن جي اسلام قَبول ڪرڻ سان مُسلمانن کي بيحَد خُوشي ٿي ۽ انهن کي تمام وڏو سہارو ملي ويو ايستائين جو حُضُور، رحمتِ عالَم، جانِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مُسلمانن سان گڏ ملي ڪري ڪعبي شريف ۾ اِعلانيه نماز اَدا فرمائي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اسلامي جنگين ۾ مُجاہِدانه شان سان گڏ اڳتي اڳتي رهيا ۽ تمام مَنصُوبه بندين ۾ شاھِ خَيرُ الاَنام، رسُولِ عالي مَقام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وزير ۽ مُشير جي حَيثيت سان وَفادار ۽ رفيق (ساٿي) رهيا۔ خليفهء اَوَّل، اَميرُالمُؤمِنِين حضرتِ سيِّدُنا ابُوبڪرصِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن پاڻ کان پوءِ حضرتِ سَيِّدُنا فارُوقِ اَعْظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي خليفو مُنتَخب فرمايو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن تَختِ خِلافت تي رَونق اَفروز رہي ڪري جانَشينيء مُصطَفٰي جي سڀني ذِمّي دارين کي وڏي بهترين انداز سان سر اَنجام ڏنو۔

آخرڪار نَمازِ فَجر ۾ هڪ بدبخت سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تي خنجر سان وار ڪيا ۽ پاڻ زَخمن کي برداشت نه ڪندي ٽئين ڏينهن شَہادَت جي شَرف سان سَرفَراز ٿي ويا۔ وَفات جي وقت سندن عُمر شريف 63 سال هئي۔ حضرتِ سَيّدُنا صُہَيب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن سندن جي نَمازِ جنازہ پڙھائي ۽ گوهرِ ناياب ، فيضانِ نَبُوَّت سان فَيض ياب، خليفهء رِسالت مآب، حضرتِ سَيِّدُنا عمر بن خطّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ روضهء مُبارَڪه جي اندر حضرتِ سَيِّدُنا صِدِّيقِ اَڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي