Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

(فيضانِ مدينه) مدينه ٽاؤن ۾ داخلا وٺي ڪري مدَني ماحول جو فيضان حاصل ڪرڻ ۾ مَشغُول ٿي ويس۔ ڪجھ ئي عرصي ۾ حيرت اَنگيز طور تي مون اندر نُمايان تبديلي واقع ٿيڻ لڳي۔ آہسته آہسته مون تي به دعوتِ اسلامي جو مدَني رنگ چڙهندو ويو، عمامي شريف جو تاج ہر وقت منهنجي مٿي تي رہڻ لڳو، پنج نمازن جو پابند بڻجي ويس، هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ به شرڪت ڪرڻ لڳس۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ 1998ء ۾ مدرسةُ المدينه کان قرآنِ ڪريم حِفْظ ڪرڻ جي سَعادَت حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ جامعةُ المدينه ۾ داخلا وٺي ڪري عالِم ڪورس (درسِ نظامي) ڪرڻ ۾ مَشْغُول ٿي ويس۔ جامعةُ المدينه جي سُنتن ڀري مدني ماحول ۾ منهنجو ڪردار مزيد بهتر ٿيندو ويو، جتي عِلْمِ دين جو حاصل ٿيندو رهيو، اُتي پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ، مدَني قافلن ۾ سفر جي ذريعي ٻين تائين پہچائڻ ۽ مدَني ڪمن جي ذريعي اِصْلاحِ اُمَّت جو سنهري مَوقعو به هٿ آيو۔ گڏوگڏ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَہْلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کان بيعت ٿي ڪري قادري عطاري بنجڻ جو شرف به نصيب ٿيو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ فيضانِ اَميرُاهلسُنت جي صدقي درسِ نظامي (عالم ڪورس) مڪمل ڪري چڪو آهيان ۽ تحرير لکڻ وقت تقريبًا 4 سال کان جامعةُ المدينه ۾ تَدْرِيس جا فَرائض سَر اَنْجام ڏئي رهيو آهيان۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان