Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

ڪندو، آئون قيامت جي ڏينهن ان جو صِلو (بدلو) ان کي عطا فرمائيندس۔ (الْجَامِعُ الصَّغِیر لِلسُّیُوْطِیّ ص 533 حدیث 8821 ) تنهنڪري اسان کي به پنهنجي دُنيا ۽ آخرت بہتر بنائڻ جي لاءِ ساداتِ ڪرام سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ گھرجي ۽ ان جي خِدْمت ڪندي رهڻ گھرجي ته جيئن اسان کي به اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا و خُوشْنوي حاصِل ٿي سگھي۔

ہم کو سارے سیّدوں سے پیار ہے
ان شاءاللہ دوجہاں میں اپنابیڑاپار ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن توهان سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وانگر ٻين صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي عشقِ رسول جا پيارا پيارا واقعا پڙهڻ چاهيو ٿا ته دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي مطبوعه 274 صفحن تي مُشْتمل عِشقِ رسول جي روشني ڦيلائڻ واري تمام ئي پياري ڪتاب ”صحابه ڪرام جو عشقِ رسول“ جوضَرور مُطالَعو فرمايو۔ ان ڪتاب کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net کان پڙھي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

ان طرح عِشْقِ رسول ۽ عشقِ صحابه ۽ اَہلبيت کي دل ۾ مزيد وڌائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان ہر دم وابسته رہو! اِنْ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ اَعمالِ صالحه (چڱن عملَن) جي قيمتي دولت حاصل ٿيندي، گُناهن کان نَفْرت جو ذہن بڻجندو ۽ اسان جي آخرت به سَنور جي ويندي۔