Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

جو خُوب اَدَب ۽ اِحْتِرام بَجا آڻيون ڇو جو ياد رهي ته صحابه ۽ اَہْلِ بيت رِضۡوَانُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن کان علاوه ساداتِ ڪرام به سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نِسبت ۽ انهن جو جُز ہئڻ جي سبب تَعْظِيم ۽ تَوْقِير (ادب) جا مُسْتَحِقْ (حقدار) آهن، اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي اہلِ بيت سان محبت هئي ۽ اڄ اوهان جي عاشقن ۾ به اها محبت سينه بسينه هلندي پئي اچي۔ اهو ئي سبب آهي ته عاشقِ فاروقِ اعظم شيخِ طريقت ،اميرِ اَہْلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه حضراتِ ساداتِ ڪرام (سَيّد سڳورن) جي تَعْظِيم ۽ تَوْقِير بَجا آڻڻ ۾ پيش پيش رہندا آهن۔ مُلاقات جي وَقْت جيڪڏهن اميرِ اَہْلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کي ٻُڌايو وڃي ته هي سَيّد صاحب آهن ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه نهايت ئي عاجزي سان سَيّد زادي جو هٿ چُمي وٺندا آهن۔ انهن کي پنهنجي برابر ۾ ويهاريندا آهن، ساداتِ ڪرام جي شہزادن سان بي پناھ مَحَبَّت ۽ شَفْقَت سان پيش ايندا آهن، جڏهن شيرني يا مٺائي وغيرہ جي ترڪيب هوندي آهي ته سَيّدن کي ٻيڻي پيش فرمائيندا آهن ۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن ساداتِ ڪرام سان مَحَبَّت ڪرڻ وارن ماڻهن جي ڪمي ناهي پر افسوس صَد ڪروڙ افسوس! ڪجھ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ساداتِ ڪرام جي اَهميت ۽ فضيلت کان ناواقف آهن يا وري انهن جي خِدْمت ڪرڻ ۾ سُستي جا شڪار آهن، پنهنجي اَوْلاد کي ته دُنيا جي ہر آسائش ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن پر اَوْلادِ سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم يعني سادات جي خِدْمت جي لاءِ هڪ رُوپيو به جيب خاص مان حاضِر ڪرڻ کان ڪترائيندا آهن، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: جيڪو منهنجي اَہْلِ بيت مان ڪنهن سا چڱو سُلُوڪ