Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

فَتْح ڪيو ۽ مالِ غنيمت مدينهء مُنوَّرہ ۾ آيو ته اَمِيرُ الْمُؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن مسجدِ نَبَوِي ۾ تَڏا وڇايا ۽ سمورو مالِ غنيمت انهن تي ڍير ڪري ڇڏيو۔ صحابهءِ ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان مال حاصل ڪرڻ جي لاءِ جَمْع ٿي ويا۔ سڀ کان پہرين حضرت سَيِّدُنا امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اُٿي بيٺا ۽ فرمائڻ لڳا: ’’اي اَمِيرُالْمُومنين! اللہ عَزَّوَجَلَّ جيڪو مُسلمانن کي مال عطا فرمايو آهي، ان مان منهنجو حِصّو مون کي عَطا فرمايو۔‘‘پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: توهان جي لاءِ وڏي پذيرائي ۽ ڪرامت (عزّت) آهي۔‘‘ گڏوگڏ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن هڪ ہزار (1000) دِرهم انهن کي ڏئي ڇڏيا۔ اُنهن پنهنجو حِصّو حاصل ڪري هليا ويا، ان کان پوءِ حضرت سَيِّدُنا امام حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن بيهي ڪري پنهنجو حِصّو گھُريو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: توهان جي لاءِ وڏي پذيرائي ۽ ڪرامت (عزّت) آهي ۔‘‘ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن هڪ ہزار(1000) دِرهم انهن کي به ڏنا، ان کان پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا پُٽ حضرت سَيِّدُنا عبدُاللہ بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اُٿيا ۽ پنهنجو حصو گھُريو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: ’’توهان جي لاءِ وڏي پذيرائي ۽ ڪرامت (عزّت) آهي۔‘‘۽ گڏوگڏ انهن کي پنج سو (500) دِرهم عطا فرمايا، اُنهن عرض ڪيو:’’اي اَمِيرُ الْمُومنين! آئون ان وَقْت به حُضُور نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ تلوار کڻي ڪري جِہاد ۾ شريڪ ٿيو هئس جڏهن سَيِّدُنا حسن ۽ حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا ننڍي عُمر وارا مَدَني مُنّا هئا۔ ان جي باوُجُود پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن انهن کي هڪ هڪ ہزار دِرهم ۽ مون کي پنج سو (دِرهم) عطا ڪيا؟‘‘ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هي ٻُڌڻ هو ته اَہْلِ بيت جي مَحَبَّت جو سَمُنْدر لَهرون هڻڻ لڳو ۽ عِشْق ۽ مَحَبَّت وچان سرشار ٿي ڪري ارشاد فرمايو: جي ها بلڪل! (جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته آئون توهان کي به انهن