Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

اَنِيسُ الغَرِيبِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن طرح ئي ڪٽيندي ڏٺو هو۔ تنهنڪري مون به ڇُري سان (لباس جون) ٻانهون ڪَٽي ڇڏيون۔‘‘ اَمِيرُ المُؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ٻانهون ڪٽڻ کان پوءِ ڪُڙتي جي حالت هي هئي جو ان مان ڪجھ ڌاڳا ٻاهر نڪري ڪري سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي قَدمن کي چُمندا رهندا هئا.

(مستدرک حاکم، کتاب اللباس، کان نبی اللہ۔۔۔الخ، ج۵، ص۲۷۵، حدیث:۷۴۹۸۔)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿوروغورڪريو! حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ذاتِ مُبارڪه ۾ پياري آقا، مديني واري مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جوعشقِ رسول ۽ سندن ۾ سُنّتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو ڪيتري قدر موجود هو جو آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِتّباع ۾ پاڻ به ڇُري سان ئي (لباس جون) ٻانهون ڪَٽي ورتيون پر اُهي صحيح نه ڪٽجون، پوءِ به پاڻ انهيءَ حالت ۾ ان قميص کي پائڻ ۾ ڪو شرم ۽ لڄ محسوس نه ڪئي، هي ڪمال دَرَجي جي سُنّتِ مُصطفٰي جي پيروي هئي۔ اهڙي طرح ٻين صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو سُنّتن سان مَحَبَّت ۽ ان تي عمل جو هي عالَم هو جو دُنيا جي ڪا به ڪشش ۽ بي وَفا مُعاشري جي ڪا ڪُوڙي ’’مُرَوَّت‘‘ انهن کان سُنّت نه ڇڏائي سگھندي هئي۔ جيئن ته

حضرت سَيِّدُنا حَسَن بَصري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته حضرت سَيِّدُنا مَعۡقِل بن يَسار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ (جيڪي اُتان جي مُسلمانن جا سردار هئا هڪ ڀيري) کاڌو کائي رهيا هئا ته سندن هٿ مان لُقمو (يعني گِرههُ) ڪِري پيو، اُنهن کڻي ورتو ۽ صاف ڪري کاڌو۔ هي ڏسي ڪري جاهلن اکين سان هڪ ٻئي کي اِشارو ڪيو (ته ڪيتري عجيب ڳالھ آهي ته ڪِري پيل لُقمَي کي اُنهن کائي