Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

رکڻ واري ہر شيء سان مَحَبَّت ہجي۔ اَميرُالمؤمنين حضرت سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مَحَبَّتِ رَسُول جا ڇا ڳالھ ڪجي! سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نه صرف اللہ عَزَّوَجَلَّ جي محبوب، داناءِ غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ بابرڪت سان مَحَبَّت فرمائيندا هئا بلڪه حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اَولاد، اَزواج، اَصحاب بلڪه ہر اها شيء جنهن جي حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نِسبت ٿي ويندي هئي ان سان به بي پناھ عقيدت ۽ مَحَبَّت فرمائيندا هئا ۽ هي حقيقي مَحَبَّت جي تَقاضن مان آهي۔ اَميرُالمؤمنين حضرت سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرتِ طَيبَه جا بي شُمار واقعا اهڙا آهن، جن مان اُن حقيقي مَحَبَّت ۽ عشق جو اِظہار ٿئي ٿو، اچو ته انهن مان هڪ واقعو ٻُڌون ٿا۔

اللہ عَزَّوَجَلَّ سيپاري 30 سُوْرَةُ الْبَلَد جي پهرين ۽ ٻي آيت ۾ اِرْشاد فرمائي ٿو:

لَاۤ اُقۡسِمُ بِہٰذَا الۡبَلَدِ ۙ﴿۱﴾

وَ اَنۡتَ حِلٌّۢ بِہٰذَا الۡبَلَدِ ۙ﴿۲﴾

(سيپارو:۳۰، البلد:۲،۱)

 

تَرجَموڪنزالايمان: مون کي هن شهر جو قسم، جو اي محبوب تون هن شهر ۾ تشريف فرما آهين.

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مُفَسّرينِ ڪرام جو ان ڳالھ تي اِجۡماع (اِتّفاق) آهي ته ان آيتِ ڪريمه ۾ اللہ عَزَّوَجَلَّ جنهن شہر جو قسم ياد فرمائي رهيو آهي، اهو مڪهء مڪرمه آهي۔ انهي آيت جي طرف اِشارو ڪندي اَميرُالمؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حُضُور نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ هيئن عرض گُذار ٿيا: ”يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ