Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

حضرت سَيِّدُنا سعيد بن مُسيَّب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته اَمِيرُ المؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن مَنصبِ خِلافت تي فائز ٿيا ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مِنبَر تي بيهي فرمايو: ”کُنْتُ مَعَ رَسُوْلِ اللّٰہِ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فَکُنْتُ عَبْدَہُ وَخَادِمَہُ يعني مان حُضُور پُرنُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صُحبتِ بابرڪت کان فَيض يافته رہيو آهيان، آئون حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو غُلام ۽ خِدمتگار رہيو آهيان۔ (مستدرک حاکم ،کتاب العلم ،خطبۃ عمر بعد ماولی۔۔۔الخ،ج۱ص۳۳۲،ح:۴۴۵)

میں تو کہا ہی چاہوں کہ بندہ ہوں شاہ کا
پر لُطف جب ہے کہہ دیں اگر وہ جناب ہُوں

شعر جي وضاحت: آئون ته چوندو آهيان ته آئون پنهنجي آقا (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جو ٻانهو يعني غلام آهيان، اي منهنجي آقا (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) مزو ته تڏهن آهي ته حضور فرمائين، ها تُون منهنجو غلام آهين۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي غُلاميءِ رسول جي دَعويٰ صرف زبان جي حد تائين نه هئي بلڪه پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نبي ڪريم، رؤف ۽ رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا واقعي سچا غُلام هئا، پوري زِندگي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنّتن تي عمل ڪندي گذري۔ پر افسوس! صَد افسوس! اسان غُلاميءِ رسول جو دَم ته ڀريندا آهيون ۽ ان طرح جي دَعويٰ به ڪندي نظر ايندا آهيون ته

جان بھی میں تو دے دوں خُدا کی قسم!

کوئی مانگے اگر مُصْطفٰے کے لئے