Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

(ڪامل) نه ٿو ٿي سگھي، جيستائين آئون ان جي ويجھو ان جي والِدَين، اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ مَحبُوب نه ٿي وڃان۔‘‘ (بخاری، کتاب النکاح ،باب موعظۃ الرجل ابنتہ لحال زوجہا،ج۳،ص: ۴۶۰،حدیث:۵۱۹۱،ملتقطا) يقينًا! هڪ مُسلمان کي پياري آقا، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان اهڙي ئي مَحَبَّت ہئڻ گھرجي ڇو جو هي سندس زِندگي جو سڀ کان قيمتي اَثاثو آهي۔

تُمہاری یاد کو کیسے نہ زِندگی سمجھوں

یہی تو ایک سہارا ہے زِندگی کیلئے

میرے تو آپ ہی سب کچھ ہیں رَحْمتِ عالَم

میں جی رہا ہوں زَمانے میں آپ ہی کیلئے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اَمِيرُ المُؤمنين حضرت سَيِّدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عشقِ رسول جي ڇا ڳالھ ڪجي! جڏهن سندن کي مدين واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ياد ايندي هئي ته بي قَرار ٿي ويندا هئا ۽ فِراقِ محبوب ۾ ڳوڙها ڳاڙيندا هئا، جيئن ته سندن جا غُلام حضرت سَيِّدُنا اَسۡلَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ٻنهي جهانن جي مالِڪ ومختار، مڪي مَدَني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذِڪر ڪندا هئا ته عشقِ رسول جي سبب بي تاب ٿي ڪري روئڻ لڳندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ’’پيارا آقا، سيِّدالانبياء صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ رَحم دل، يتيم جي لاءِ والد ۽ ماڻهن ۾ دِلي طور تي سڀ کان وڌيڪ بَہادُر هئا، اهي ته نوراني چہري وارا، مہڪندڙ