Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

حضرت سَيِّدُنا عَبدُاللہ بن ہشام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته اسان سَيِّدُ الۡمُبَلِّغِين، رَحۡمَة لِّلۡعٰلَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضر هئاسين۔ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اَمِير المُؤمِنِين حضرت سَيّدُنا عمر فاروقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ پڪڙي رکيو هو۔ سَيّدُنا عمر فاروقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: ’’لَاَنْتَ اَحَبُّ اِلَيَّ مِنْ كُلِّ شَيْءٍ اِلَّا مِنْ نَفْسِي يعني يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان مون کي منهنجي جان کان علاوه ہر شيءِ کان وڌيڪ محبوب آهيو۔‘‘پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ’’لَا وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ حَتَّى اَكُونَ اَحَبَّ اِلَيْكَ مِنْ نَفْسِكَ نه عُمر! ان رَبّ عَزَّوَجَلَّ جو قسم !جنهن جي قبضهء قُدرت ۾ منهنجي جان آهي! (تنهنجي مَحَبَّت ان وقت تائين ڪامل نه ٿيندي) جيستائين آئون تنهنجي ويجھو تنهنجي جان کان به وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان۔‘‘ سَيّدُنا عمر فاروقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن عرض ڪيو: ’’وَاللّٰهِ لَاَنْتَ اَحَبُّ اِلَيَّ مِنْ نَفْسِي يعني يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! توهان مون کي منهنجي جان کان به وڌيڪ محبوب آهيو۔ ‘‘هي ٻُڌي ڪري نبيء پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: ’’الْآنَ يَا عُمَرُ يعني اي عُمر! هاڻي (تنهنجي مَحَبَّت ڪامل ٿي وئي۔) (بخاری ،کتاب الایمان والنذور،باب کیف کانت یمین النبی ،ج۴، ص۲۸۳، حدیث:۶۶۳۲۔)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هي حڪم صِرف فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي لاءِ ئي ناهي بلڪه رہندڙ دُنيا تائين اچڻ واري هڪ هڪ مُسلمان جي لاءِ آهي، ڇو جو مَحَبَّتِ مُصطفيٰ اها شيء آهي، جنهن جي بِغير اسان جو ايمان ڪامل ئي نه ٿو ٿي سگھي۔ فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: لَایُؤْمِنُ اَحَدُکُمْ حَتّٰی اَکُوْنَ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ وَّالِدِہٖ وَوَلَدِہٖ وَالنَّاسِ اَجْمَعِیْن يعني توهان مان ڪو شخص ان وَقت تائين مؤمنِ