Book Name:Haftawar Durood e Pak aur Duaen

صَحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن فرمايو: اهو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.([1])

﴿6دُرُود شَفَاعت

اَللّٰہُمَّ  صَلِّ  عَلٰی  مُحَمَّدٍ  وَّ  اَنْزِلْہُ  الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ  عِنْدَكَ  یَوْمَ الْقِیَامَۃِ

شافع امم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان معظم آهي: جيڪو شخص هيئن درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي.([2])

(1)  هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی  اللّٰہُ  عَنَّا  مُحَمَّدًا  مَا  ھُوَ  اَھْلُہٗ

حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: انهي درود شريف کي پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تي نيڪيون لکندا آهن. ([3])

 



[1]القول البدیع، الباب الاول، ص125

[2]…  الترغیب والترهیب، ج ۲، ص 329 حدیث 30

[3] مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305