Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

﴿5قُربِ مُصطَفٰي صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ کَمَا تُحِبُّ وَ تَرضٰی لَہٗ

هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِي اللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرام رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.

(القول البدیع، الباب الاول، ص125)

﴿6دُرُود شَفَاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ

شافع امم صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي.

لترغیب والترهیب، ج ۲، ص ۳۲۹، حدیث ۳۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

﴿1 هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ

حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن.

(مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305)