Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

شديد خواہش ٿي، جنهن جو اِظہار هڪ ڀيري پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن هن طرح فرمايو’’ ته اِنْ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ اسان 12 دارالافتاء کولينداسين. اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو هي خواب 15 شعبان المعظم 1421ھ ۾ ان وَقت پورو ٿيو جڏهن جامع مسجد ڪنزُالايمان، بابري چوڪ بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ تبليغِ قرآن و سُنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ، دعوتِ اسلامي جي تحت دارُ الافتاء اہلسنَّت جو آغاز ٿيو. تادمِ تحرير دارُالاِفتاء کان مُتَعَلّق ڪم و بيش 42 عُلماءِ ڪرام، جن ۾ مُصَدِّق ۽ مُفتي به آهن، نائب مفتي ۽ مُتَخَصِـص به آهن، هي مختلف شہرن ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏکياري اُمّت جي شرعي رَہنمائي ۾ مصروف آهن، جن کان شرعي رہنمائي جي لاءِ نه صرف بِالْمُشَافَہَ مُلاقات ٿي سگھي ٿي بلڪه تَحريري فتوٰي به حاصِل ڪري سگھجي ٿي۔ ان کان عِلاوہ ”دارالافتاء اہلسنّت“ جي تحت ڪم ڪرڻ واري شعبي ”دارُالافتاءآن لائن“ جي عُلمائي ڪرام به اِنتِہائي ذِمّه داري سان گڏ ٽيلي فون ۽ اِنْٽر نيٽ تي پوري دُنيا جي مُسلمانن جي طرف کان شرعي مَسئلن جي معلومات جو حتّي الاِمڪان ہٿو هٿ شرعي حَل ٻڌايا ويندا آهن دارُالافتاء آن لائن کان، اِنٽرنيٽ جي ذريعي پوري دُنيا کان هن ميل ايڊريس (darulifta@dawateislami.net) جي ذريعي سوالن جا جواب پڇي سگھجن ٿا. پوري دنيا کان شرعي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنن نمبرن تي رابطو به ڪري سگهجي ٿو، نمبرنوٽ فرمائي وٺو.

0300-0220113

0300-0220112

0300-0220115

0300-0220114

 

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

 

اے دعوتِ اسلامی تری دُھوم مَچی ہو