Book Name:Shan e Usman e Ghani

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو عِلمِ دِين سکڻ جو جذبو صد ڪروڙ مرحبا! اسان کي به هر مهيني گھٽ ۾ گھٽ ٽي (3) ڏينهن جي مدني قافلي ۾ ضرور سفر ڪرڻ گھرجي۔ ان جي برڪت سان جتي اسان کي علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو، اُتي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به نصيب ٿيندو۔ مدني قافلن ۾ سفر جون وڏيون برڪتون آهن، اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا۔

سَنڌن جي بيماري به ختم ٿي وئي ۽ بيروز گاري به ختم ٿي وئي

هڪ اسلامي بھائي جي بيان جو خلاصو آهي: منهنجي هڪ طرف بي روزگاري هئي ته ٻي طرف سَنڌن جي سُور جي پُراڻي بيماري هئي، تنگدستي ۽ شديد سُور جي سبب سخت بيزاري هئي، گھڻو علاج ڪرايو پر ڪجھ فائدو نه ٿيو۔ هڪ اسلامي ڀاءُ انفِرادي ڪوشِش جي ذَرِيعي ذِهن بڻايو، جنهن جي برڪت سان مون دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول جي سُنتن جي تربيت جي مَدَني قافلن ۾ سُنتن ڀري سفر جي ترڪيب بڻائي ورتي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافلن ۾ سُنتن ڀري سفر ۽ عاشقانِ رسول جي شفقت ڀري صحبت جي بَرَڪت سان منهنجي سالن جي پُراڻي سَنڌن جي بيماري بلڪل صحيح ٿي وئي۔ مَدَني قافلي کان واپسي تي ٻي ڏينهن هڪ اسلامي ڀاءُ آيو ۽ انهن مون کي ڪم تي لڳائي ڪري منهنجي روزگار جي ترڪيب به بڻائي ڇڏي۔ هي بيان ڏيندي اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گزري چڪو آهي، منهنجو ڪم هڪ ڏينهن به بند ناهي ٿيو ۽ سُور به ٻيهر موٽي نه آيو.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽