Book Name:Shan e Usman e Ghani

(ذوقِ نعت،ص:۴۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! جنهن وَقت مسلمانن کي پاڻي جي حوالي سان شديد پريشاني هئي ته اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن اهو پُورو چشمو خريد ڪري راھِ خدا ۾ وَقْف ڪري ڇڏيو۔ اسان کي به گھرجي جيڪڏهن ڪنهن مُسلمان کي پريشاني يا ڪنهن مُصيبت ۾ مبُتلا ڏسون ۽ ان جي حاجت پُوري ڪرڻ جي سَگھ رکندا هجون ته ان جي مُشڪلات ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون۔ اهو شخص وڏو خُوش نصيب آهي جيڪو مُحتاجن جي مدد ڪندو، غَريبن جي دادرَسي ڪندو، غمگينن جي غمگساري ۽ پريشان حالن جي پريشاني دُور ڪندو آهي ڇو جو جيڪو مخلوق تي رَحم ڪندو آهي،الله ڪريم عَزَّوَجَلَّ به ان تي ايتري قدر رَحم ۽ ڪرم فرمائيندو آهي جو ان جي زِندگي ۾ هر طرف بهارون ئي بهارون اچي وينديون آهن. اچو ته! ٻه (2) فرامينِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا۔

1.       جنهن مؤمن جي دُنيوي پريشانين مان ڪا هڪ پريشاني ختم ڪئي، الله عَزَّوَجَلَّ قِيامت جي ڏينهن ان جي پريشانين مان هڪ پريشاني ختم فرمائيندو، جيڪو دُنيا ۾ لاچار جي لاچاري ختم ڪندو، الله عَزَّوَجَلَّ دُنيا ۽ آخرت ۾ ان جي لاءِ آسانيون پيدا فرمائيندو، جيڪو دُنيا ۾ ڪنهن مُسلمان جي پرده پوشي ڪندو، الله عَزَّوَجَلَّ دُنيا ۽ آخرت ۾ ان جي پرده پوشي فرمائيندو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ ان وَقْت تائين ٻانهي جي مدد ڪندو رهندو آهي جيستائين ٻانهو پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪندو رهندو آهي ۔

(مسلم ، ڪتاب الذڪر والدعا، باب فضل الاجتماع علي تلاوۃ القران ،رقم ۲۶۹۹ ،ص ۱۴۴۷)

جيڪو شخص پنهنجي ڀاءُ جي گھرج جي پورائي ڪرڻ لاءِ هلي، ان جو