Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

دنيا تائين ماڻهن جي لاءِ مشعلِ راھ بڻجي وينديون آهن. جڏهن ته انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جا خواب وَحي هوندا آهن.

(مستدرڪ،تفسير سورة الصافات، ۳/۲۱۴، حديث:۳۶۶۵)

تنهنڪري حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام سمجھي ويا ته منهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ مون کي پنهنجي پُٽ کي ذبح ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي. فورًا پنهنجي لَختِ جگر کي فرمانِ خداوندي تي قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا ۽ پاڻ سڄو معاملو پنهنجي ننڍي ڄمار واري پُٽ حضرتِ اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کي به ٻڌائي ڇڏيو ته الله عَزَّوَجَلَّ جو فرمان آهي ته آئون توکي ذبح ڪريان، هاڻي تون ٻڌاءِ تنهنجي ڇا راءِ آهي. تفسيرِ خازِن ۾ آهي ته حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام حضرتِ اِسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کان ان لاءِ مشورو نه گھُريو ته جيڪڏهن انهن جي مرضي نه هجي ته انهن جي راءِ تي عمل ڪن بلڪه ان مان حضرتِ اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جو امتحان مقصود هو ته الله عَزَّوَجَلَّ جي طرف کان ملڻ واري آزمائش تي انهن جا ڇا جذبات آهن ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪم جي اطاعت ۽ ان جي طرف کان ملڻ واري مَشَقَّت تي صَبۡر ۽ ثابت قدمي جو علم ٿي وڃي ۽ اهي حڪمِ خداوندي جي بجا آوري تي ملڻ واري ثواب کي حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿي سگھن. (تفسير خازن۴/۲۲،ملخصاً)

حضرت سَيِّدنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن حضرتِ سَيّدُنا اِسمٰعيل
عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي جڏهن هي خواب بيان فرمايو ته ان پيڪرِ تسليم و رِضا جيڪو جواب ڏنو ان کي قرآنِ پاڪ ۾ سيپاري 23 سُورۃُ الصّٰفّٰت جي آيت نمبر 102 ۾ هنن لفظن سان بيان ڪيو ويو آهي: