Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

1.       الله عَزَّوَجَلَّ پنج (5) نمازون فرض فرمايون آهن، جيڪو انهن جي لاءِ بهتر نموني سان وضو ڪري ۽ انهن کي انهن جي وقت ۾ ادا ڪري ۽ ان جا رڪوع ۽ سجود خشوع سان پورا ڪري ته الله عَزَّوَجَلَّ جي ذمهء ڪرم تي آهي ته ان جي مغفرت فرمائي ڇڏي ۽ جيڪو انهن کي ادا نه ڪندو ته الله عَزَّوَجَلَّ جي ذمي ان جي لاءِ ڪجھ ناهي، چاهي ته ان کي معاف فرمائي ۽ چاهي ته ان کي عذاب ڏئي.

(سنن ابوداؤد ، ڪتاب الصلوٰة ، باب المحا فظة علي وقت الصلوات، رقم ۴۲۵، ج۱، ص۱۸۶)

2.       جيڪڏهن توهان مان ڪنهن جي اڱڻ ۾ واھ هجي، هر روز پنج ڀيرا ان ۾ غسل ڪري ته ڇا ان تي ڪجھ مير رهندو؟ ماڻهن عرض ڪيو: جي نه. پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: نماز گناهن کي اهڙي نموني ڌوئي ڇڏيندي آهي جيئن پاڻي مير کي ڌوئي ڇڏيندو آهي.

(سنن ابن ماجہ،ج٢،ص١٦٥، حديث١٣٩٧)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته نماز پڙهڻ وارا ڪيتري قدر خوشنصيب آهن جو انهن تي رحمتِ الٰهي جي اهڙي بارش ٿيندي آهي جو انهن جي گناهن کي ڌوئي ڇڏيندي آهي، نماز جي برڪت سان پُٺيان گناھ ته معاف ٿي ويندا آهن، آئنده به انسان گناهن ۽ بي حيائي جي ڪمن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ لڳندو آهي. نماز جي عادت باقي رکڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنتن ڀرئي اجتماع ۾ شرڪت ڪريو، علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت ۾ حصو وٺو گڏوگڏ پنهنجي مسجدن، پاڙي ۽ گھرن ۾ درسِ فيضان سُنت کي جاري ڪريو، اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي به نمازن جي عادت رهندي ۽ ٻين کي به نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو عظيم ثواب هٿ ايندو.