Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

ڳالھ اثر انداز نه ٿيندي ۽ گھربل نتيجا حاصل ٿيڻ دشوار ٿيندا. تنهن جي ڪري پنهنجي اولاد کي نماز وغيره جي ترغيب ڏيارڻ کان پهرين پاڻ نماز پڙهڻ جي مضبوط عادت ٺاهڻي پوندي. قرآنِ ۽ حديث ۾ نماز پڙهڻ وارن جي لاءِ ڪيتريون ئي بشارتون ۽ نماز جون بي شمار فضيلتون بيان ڪيون ويون آهن، اچو ته علمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ نماز جي پابندي جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ فرمانِ خداوندي ٻڌون ٿا: سيپاري 6 سُورَۃُ الْمَائِدہ جي آيت نمبر 12 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ لَقَدۡ اَخَذَ اللہُ مِیۡثَاقَ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ۚ وَ بَعَثۡنَا مِنۡہُمُ اثۡنَیۡ عَشَرَ نَقِیۡبًا ؕ وَ قَالَ اللہُ اِنِّیۡ مَعَکُمۡ ؕ لَئِنۡ اَقَمۡتُمُ الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَیۡتُمُ الزَّکٰوۃَ وَ اٰمَنۡتُمۡ بِرُسُلِیۡ وَ عَزَّرۡتُمُوۡہُمۡ وَ اَقۡرَضۡتُمُ اللہَ قَرۡضًا حَسَنًا لَّاُکَفِّرَنَّ عَنۡکُمۡ سَیِّاٰتِکُمۡ وَ لَاُدۡخِلَنَّکُمۡ جَنّٰتٍ تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِہَا الۡاَنۡہٰرُ ۚ

(پ:6، سورهء المائده آيت 12)

 

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ بي شڪ الله بني اسرائيل کان عهد ورتو ۽ اسان انهن مان ٻارنهن سردار قائم ڪيا ۽ الله فرمايو بي شڪ مان توهان سان گڏ آهيان ضرور جيڪڏهن توهان نماز قائم رکو ۽ زڪوات ڏيو ۽ منهنجي رسولن تي ايمان آڻيو ۽ انهن جي تعظيم ڪريو ۽ الله کي قرض حسنه ڏيو بي شڪ مان توهان جا گناھ لاهي ڇڏيندس ۽ ضرور توهان کي باغن ۾ وٺي ويندس جن جي هيٺان نهرون جاري آهن.

سُبحٰن الله عَزَّوَجَلَّ نمازين جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ ڪهڙا ڪهڙا انعام آهن جو انهن کي جنت ۽ مغفرت جون بشارتون ڏنيون پيون وڃن ۽ اجرِ عظيم جون خوشخبريون به ٻڌايون پيون وڃن. احاديثِ مبارڪه ۾ به نماز جي وڏي اهميت ۽ رغبت ڏياري وئي آهي، اچو ته ترغيب جي لاءِ (2) فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا.