Book Name:Aashiqon ka Hajj

آهي. الغرض! هن مبارڪ سفر جا وڏا فائدا آهن. اچو ته! ان حوالي سان ڪجھ فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.       هي گھر اسلام جو ٿنڀ آهي، جيڪو حج يا عُمرو ڪرڻ وارو پنهنجي گھر کان بيتُ الله شريف جي ارادي سان نڪري، جيڪڏهن ان جو روح قبض ٿي وڃي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي ذمهء ڪرم تي آهي ته اُن کي جنت ۾ داخل فرمائي ڇڏي ۽ جيڪڏهن اهو (حج ڪري) موٽي ته اجر ۽ غنيمت سان گڏ موٽندو. (المعجم الاوسط،الحديث۹0۳۳،ج۶،ص۳۵۲۔فردوس الاخبار للديلمي، باب الھاء، الحديث۷۲0۸، ج۲،ص۳۸۲)

2.       جيڪو شخص پنهنجي گھر کان حج يا عُمرو ڪرڻ جي لاءِ نڪري ۽ فوت ٿي وڃي، ته قيامت تائيڻ حج ۽ عُمري ڪرڻ واري جو اجر ڏنو ويندو رهندو.

(شعب الايمان للبيھقي ،باب في المناسڪ ،فضل الحج والعمرة، الحديث ۴۱۰۰، ج۳، ص۴۷۴)

3.       جيڪو ان راھ ۾ حج يا عُمرو ڪرڻ جي لاءِ نڪتو ۽ مري ويو ان جي پيشي نه ٿيندي، نه حساب ٿيندو ۽ ان کي چيو ويندو تون جنت ۾ داخل ٿي وڃ. (المعجم الأوسط''، باب الميم، الحديث: ۵۳۸۸، ج۴، ص۱۱۱)

طیبہ میں مَر کے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند

سیدھی سڑک یہ شہرِ شَفاعت نگر کی ہے

زِندہ رہیں تو حاضریِ بارگاہ نصیب

مَر جائیں تو حیاتِ اَبَد عیش بھر کی ہے

(حدائقِ بخشش ،ص:222،221)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد