Book Name:Aashiqon ka Hajj

وہاں بارشِ نُور ہوتی تھی پیہم

 

نہ دُنیا کی جھنجھٹ زَمانے کا تھا غَم

مِلا تھا ہمیں قُربِ محبوبِ داوَر

 

مدینے میں کیسا سُرور آ رہا تھا

کبھی بیٹھتے ان کی مسجد میں جا کر

 

کبھی دُور سے تکتے محراب و منبر

نمازوں کا بھی لُطف تھا کیا وہاں پر

 

مدینے میں کیسا سُرور آ رہا تھا

یقیناً مدینہ ہے صَد رشکِ جنَّت

 

مدینے میں ہے میٹھے آقا کی تُربت

اے عطارؔ! کیوں چھوڑ کر آئے وہ دَر

 

مدینے میں کیسا سُرور آ رہا تھا

(وسائل بخشش ص 166)

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! ڪعبهء معظّمه ۽ گنبدِ خضرا جي زيارت جي لاءِ وڃڻ، حج هجي يا عُمرو، ڪنهن به نيت سان حرم جي طرف قدم وڌائڻ، يقينًا وڏي سعادت ۽ وڏي نصيب جي ڳالھ آهي. ۽ اهڙو شخص جيڪو ان ارادي سان پنهنجي گھر کان نڪري اهو فائدي ئي فائدي ۾ آهي. ڇو جو هي هڪ اهڙو سفر آهي جنهن ۾ قدم قدم تي الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمتن ۽ ان جي برڪتن جي ڇماڇم برسات نصيب ٿيندي آهي. ۽ جڏهن اهو شخص حرمين طيبين پهچي وڃي هاڻي ته ان جا ڀاڳ ئي ڀلا ٿي ويندا آهن، ان جي نصيب جو ستارو بلندي تي هوندو آهي. جيڪڏهن ان دوران اُتي ئي ساھ نڪري وڃي ۽ جنتُ البقيع ۾ ٻه گز زمين ملي وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻيوڪهڙو انعام ٿي سگھي ٿو. ان سان گڏوگڏ ان جي نامهء اعمال ۾ قيامت تائين پنهنجي نيڪ عمل جي نيت جي مطابق ثواب لکيو ويندو رهندو ۽ جيڪڏهن واپس اچڻو پئجي وڃي ته مديني ۾ ٻيهر حاضر ٿيڻ جو آرام بخش تصور به عاشقانِ رسول جي ذوق جي تسڪين جو سامان ٿي ويندو