Book Name:Aashiqon ka Hajj

اچو ته شيخِ طريقت اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي 101 مدني گُل مان ”چل مدينه“ جي ستن اکرن جي نسبت سان جُتي پائڻ جا 7 مدني گل ٻڌون ٿا.

فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ ]1[ جتي ڪثرت سان استعمال ڪيو جو انسان کي جيستائين جتي پاتل هوندي آهي ڄڻ اهو سوار هوندو آهي (يعني ٿڪاوٽ گھٽ ٿيندي آهي) (مسلم ص 1161 حديث 2096) ]2[ جُتي پائڻ کان پهرين ڇنڊي وٺو ته جيئن ڪو جيت يا پٿري وغيره هجي ته نڪري وڃي
]3[ پهرين ساڄو جوتو پايو پوءِ کاٻو ۽ لاهڻ وقت پهرين کاٻو ۽ پوءِ ساڄو۔ نبي پاڪ، صاحب لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عاليشان آهي؛ جڏهن توهان مان ڪو جتي پائي ته ساڄي کان ابتدا ڪرڻ گھرجي ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي کان ابتدا ڪرڻ گھرجي ته جيئن ساڄو پير پائڻ ۾ پهريان ۽ لاهڻ وقت آخر ۾ رهي۔ (بخاري ج 4 ص 65 حديث 5855) ]4[ مرد مرداڻو ۽ عورت زنانو جوتو استعمال ڪري ]5[ ڪنهن حضرت سيِّدتُنَا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي عرض ڪيو؛ هڪ عورت (مردن جيان) جوتا پائيندي آهي، انهن فرمايو؛ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرداڻي عورت تي لعنت فرمائي آهي۔ (سنن ابي داؤد ج 4 ص 84 حديث 4099) ]6[ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ڇڏيو جو ان سان پيرن کي آرام ملندو آهي۔ ]7[ (تنگدستي جو هڪ سبب هي به آهي ته) اونڌي جوتي کي ڏسڻ ۽ ان کي سڌو نه ڪرڻ۔ ”دولت بي زوال“ ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن سڄي رات جُتي اُبتي پيل رهي ته شيطان اچي اُن تي ويهندو آهي، هي ان جو تخت آهي۔ (سني بهشتي زيور حصو 5 ص 601)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن