Book Name:Aashiqon ka Hajj

ڪندي مونکي مَدنِي قَافلي ۾ سفر جي دعوت پيش ڪئي. فيضانِ سنّت جي درس مون ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، مون ها ڪري ڇڏي ۽ عاشقانِ رسول سان گڏ ٽن ڏينهن جي لاءِ دعوت اسلامي جي سنّتن جي تربيت جي مدني قافلي ۾سفر ڪندي، ”جنڪ پور“ پهتس ۽ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي لاءِ راههِ خدا عَزَّوَجَلَّ ۾ ”جَڳن نَاٿ پُور“ وڃڻ واري مَدني قَافلي سان گڏ سُنّتُن ڀَريي سفر جي سعادت حاصل ڪيمـ اَلحَمدُلِله عَزَّوَجَلَّ چوڪ درس ۽ مَدني قَافلي ۾ سفر جي سَعادت حاصل ڪرڻ جي برڪت سان منهنجي دل ۾ مَدنُي انقلاب پيدا ٿيو ۽ مون ڪيل گناهن کان توبهه ڪئي ۽ ڏاڙهي مبارڪ سجائڻ جي نيّت ڪري ڇڏي ـ دعا ڪريو ته الله ربُّ العزت عَزَّوَجَلَّ مونکي اِستِقَامَتۡ عنايت فرمائي ـ منهنجا گهروارا مون ۾ ايندڙ مَدنِي اِنقلاب جي ڪري بيحَد خوش آهن امڙ سانئڻ دعوتِ اسلامي جي لاءِ خوب دعائون ڪندي آهيـ

اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ مون سميت منهنجا گهروارا به سلسلهءِ عَاليه قادريه رضويه ۾ داخل ٿي سرڪارِ بغداد حُضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي غلامي ۾ شامل ٿي ويا آهن. (غيبت جون تباه ڪاريون،ص321)

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مِشْڪاة الْمَصابيح ،ج۱ ص۵۵ حديث ۱۷۵ دارالڪتب العلمية بيروت )

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا
جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا