Book Name:Aashiqon ka Hajj

آهن. تبليغِ قرآن ۽ سُنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي زندگي جي هر شعبي ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي اُتي بازارون به ان نيڪي جي دعوت کان محروم ناهن. ان مدني ڪمن جي برڪت سان بازار ۾ به نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي يعني بي نمازين تائين نماز جي دعوت، سُنتن کان محروم ماڻهن تائين سُنتن تي عمل ڪرڻ جي دعوت پهچائڻ جي سعادت حاصل ٿيندي آهي. تنهنڪري اسان کي به وڌ کان وڌ چوڪ درس ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته جيئن اسان جي بازارن جو ماحول به سُنتن ڀريو ٿي سگھي. اچو! ته ترغيب جي لاءِ چوڪ درس جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

صوبي اُتَراَنچَل (هند) جي هڪ 20 سالن جي نوجوان اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان خراب صحبت سبب لڳ ڀڳ 14سالن جي عمر کان ئي ڏوهن جي دنيا ۾ ڦاسي چڪو هُئس، ماڻهن سان خواهه مخواهه وڙهڻ، لڙائي جهڳڙو ڪرڻ منهنجي عادت ۾ شامل ٿي چڪو هو، ايتري تائين جو مان رانابدمعاش جي نالي سان سڃاتو وڃڻ لڳسـ مان عمر ۾ ننڍو ضرور هئس، پر ڪنهن کان ڊڄڻ بدران، سامهون واري تي هڪ ٻئي پُٺيان مُتوَاتر ڌڪ هڻڻ شروع ڪندو هئس. هر طرف منهنجو داٻو ٿي ويو، ماڻهو منهنجي نالي کان ڊڄڻ لڳا ـ پيءُ ماءُ مون کان بيزار ٿي چڪا هئا، پر بيوس هئا ـ منهنجا ڪارا ڪرتوت ڏينهون ڏينهن وڌندا ويا پئي ـ هڪ ڏينهن گهٽيءَ جي مُنڊ تي هڪ سائي عِمامي واري اسلامي ڀاءُ کي چوڪ درس ڏيندو ڏسي مان ويجهو وڃي بيهي رهيس ـ جيڪو ڪجهه ٻڌو اهو سٺو لڳو، مان ڪتاب تي نظر وڌي ته ان تي ”فيضانِ سنت“ لکيل هو، درس ڏيندڙ اسلامي ڀاءُ مون سان ڏاڍي محبت سان مليو ۽ اِنفِرَادي ڪوشش