Book Name:Aashiqon ka Hajj

پنهنجو نوراني چهرو چمڪائيندي مسڪرائيندي تشريف وٺي آيا ۽ ارشاد فرمايو: ”اي خوش بخت! الله عَزَّوَجَلَّ تنهنجي هن ڪوشش کي قبول فرمائي ورتو آهي.“ (عيون الحڪايات ،ص:۳۲۶)

جسے چاہا دَر پہ بُلا لیا، جسے چاہا اپنا بُلا لیا

یہ بڑے کرم کے ہیں فیصلے،یہ بڑے نصیب کی بات ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! حرمين طيبين جي زيارت جي لاءِ وڃڻ نصيب جي ڳالھ آهي. تنهنڪري جڏهن به هي پُر مسرت موقعو ميسر اچي ته نهايت عقيدت ۽ ادب سان عاجزي ۽ انڪساري جو پيڪر بڻجي هي مقدس سفر ڪيو! رستي ۾ اچڻ واري مشڪلاتن تي صبر، صبر ۽ صبر ۽ وري به صبر سان ئي ڪم وٺو! خوب خوب گناهن کان بچو! مڪمل عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر بڻجي ان سفر جون برڪتون حاصل ڪريو! حضرت سيّدنا امام محمّد باقر عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الۡقَادِر جڏهن حج جي لاءِ مڪي شريف
زَادَھَا اللهُ شَرَفًا وَّ تَعۡظِیۡمًا تشريف وٺي ويا ۽ مسجدالحرام ۾ داخل ٿيا ته بيت الله شريف کي ڏسي روئڻ لڳا ايتري تائين جو سندن روئڻ جو آواز بلند ٿي ويو۔ ڪنهن عرض ڪيو؛ يا سيّدي سڀني ماڻهن جون نظرون اوهان ڏانهن آهن، ايترو زور سان نه روئو۔ فرمايائون؛ ڇو نه روئان شايد الله تعاليٰ منهنجي روئڻ جي ڪري مون تي رحمت جي نظر فرمائي ۽ مان قيامت جي ڏينهن ان جي بارگاھ ۾ ڪامياب ٿي وڃان، پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه طواف ڪيو ۽ ”مقام ابراهيم“ وٽ نماز پڙهي ۽ جڏهن سجدي مان مٿو مٿي کنيائون ته اها جڳهه ڳوڙهن سان آلي هئي۔ (روض الرياحين ص 113)