Book Name:Aashiqon ka Hajj

پاس مال و زَر نہیں،اُڑنے کو بھی پَر نہیں

کر دو کوئی اِنتظام، تم پر کروڑوں سَلام

چوٿين رات مديني جي تاجور، سلطانِ بحروبر، محبوبِ ربّ اڪبر
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن منهنجي گهر ۾ جلوه گري فرمائي، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي اهو ارشاد فرمائي رهيا هئا: ”تون هن سال حج تي هليو وڃجان“ مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو: منهنجا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ ته سفر جو سامان ئي ناهي. ارشاد فرمايو: ڇو ناهي! تون پنهنجي گهر جي فلان جڳھ کوٽ اُتي تنهنجي ڏاڏي جي زِرهه موجود هوندي. ايترو فرمائي نور جا پيڪر، تمام نبين جا سرور، ٻنهي جهانن جا تاجور، سلطان بحر و بر
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي ويا. صبح جڏهن منهنجي اک کلي ته آئون گهڻو خوش هيس. نمازِ فجر ادا ڪرڻ کان پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻڌايل جڳھ کوٽي اُتي هڪ قيمتي زِرهه موجود هئي. اها اهڙي نئين هئي ڄڻ ته ان کي ڪنهن استعمال ئي نه ڪيو هجي. مون ان کي چار هزار (4000) دينارن ۾ وڪرو ڪيو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر ادا ڪيو.

اَ لْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نظرِ عنايت سان حج جا اسباب پاڻ ئي پيدا ٿي ويا. آئون سفر جو سامان خريد ڪري حاجين جي قافلي ۾ شامل ٿي ويس. هاڻي اسان جو قافلو حرم جي طرف روان دوان هو. حرم پهچي ڪري حج جا ارڪان ادا ڪيا. آئون نفل ادا ڪرڻ ”ابطح“ جي طرف ويس. اُتي ڪجھ دير آرام جي لاءِ ويٺس ته ننڊ اچي وئي، مٿي جون اکيو بند ٿي رهيون هيون ۽ دل جون اکيون کُلي رهيون هيون. مديني جا سلطان، رَحمتِ عالميان، سَروَرِ ذيشان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم