Book Name:Aashiqon ka Hajj

کر رہے ہیں جانے والے، حج کی اب تَیّاریاں

رہ نہ جاؤں میں کہیں، کردو کرم پھر یا نبی

مجھ پہ کیا گُزرے گی آقا! اس برس گر رہ گیا

میرا حالِ دل تو ہے، سب تم پہ ظاہر یا نبی

(وسائلِ بخشش،ص:۳۷۶،۳۷۷)

چوٿين سال حج جو موسم قريب هو، منهنجي دل ۾ حرمين شريفين جي زيارت جي تمام گهڻي خواهش هئي. الله عَزَّوَجَلَّ جو ڪرم ٿيو منهنجي دعا ڪجھ ان انداز ۾ قبول ٿي جو هڪ رات جڏهن آئون سُتس ته منهنجي دل جون اکيون کُلي ويون، سُتل قسمت جاڳي پئي، مون کي رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت نصيب ٿي.

پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”تون هن سال حج تي هلي وڃجان“ منهنجي اک کُلي ته دل خوشي ۾ جهومي رهي هئي، بارگاھِ نبوت کان اجازت ملي چڪي هئي. سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مٺو مٺو آواز هينئر به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو، آئون تمام خوش هئس، اچانڪ مونکي ياد آيو ته مون وٽ ته سفر جو سامان ئي ناهي، آئون ته بلڪل هٿين خالي آهيان. اهو خيال ايندي ئي آئون غمگين ٿي ويس، ٻي رات ٻيهر خواب ۾ حضور نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ديدار ٿيو پر آئون پنهنجي هٿين خالي هئڻ جو تذڪرو نه ڪري سگھيس.

اهڙي طرح ٽين رات به بارگاھِ نبوت کان حڪم ٿيو ته ”تون هن سال حج لاءِ هليو وڃجان“. مون سوچيو جيڪڏهن ٻيهر خواب ۾ منهنجا مولٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي آيا ته آئون پنهنجي هٿين خالي هجڻ جي متعلق عرض ڪندس.