Book Name:Aashiqon ka Hajj

حضرتِ سيّدُنا ذُوالنُّون مصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون مِنيٰ ۾ هڪ نوجوان کي ڏٺو ته آرام سان ويٺو آهي جڏهن ته ماڻهو قربانين ۾ مشغول هئا. ايتري ۾ ان پڪاريو: اي منهنجا پيارا الله عَزَّوَجَلَّ تنهنجا سمورا ٻانها قربانين ۾ مشغول آهن، مان به تنهنجي بارگاهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪرڻ چاهيان ٿو، منهنجا مالڪ عَزَّوَجَلَّ! مون کي قبول فرماءِ، اِهو چئي پنهنجي آڱر پنهنجي ڳچيءَ تي ڦيريائين ۽ تڙپي ڪِري پيو. مون ان جي ويجهو وڃي ڏٺو ته هو فوت ٿي چڪو هو۔

(ڪشف المحجوب ص 364) 7 اضافي

یہ اِک جان کیا ہے اگر ہوں کروڑوں
تِرے نام
پر سب کو وارا کروں میں

(سامان بخشش ص 135)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان؟ حج هجي ته اهڙو! الله عَزَّوَجَلَّ انهن ٻنهي بابرڪت حاجين جي صدقي اسان کي به قلبي سوز نصيب فرمائي.

ياد رکو! هر عبادت جي قبوليّت جي لاءِ اِخلاص شرط آهي۔ هاءِ! هاڻي علمِ دين ۽ سٺي صحبت کان دوري جي ڪري اسان جون اڪثر عبادتون رياڪاري جي نذر ٿي برباد ٿي وينديون آهن. جهڙي طرح هاڻي هر ڪم ۾ ڏيکاءُ جي عمل دخل کي ضروري سمجهيو وڃي ٿو، ائين هاڻي حج جهڙي عظيم سعادت به ڏيکاءَ جي وَر چڙهي ويندي آهي. مثال طور بي شمار ماڻهو حج ادا ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي