Book Name:Aashiqon ka Hajj

واپس وڃڻ بدران لاڳيتو نمازون پيا پڙهو۔ چوڻ لڳو: پنهنجي مرضيءَ سان ڪيئن وڃان موڪل جي اجازت جو انتظار آهي۔ حضرت سيدنا ذُوالنُّون مصري عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ القوي فرمائن ٿا: اڃا اسين ڳالهيون ئي ڪري رهيا هئاسين ته ان جوان جي مٿان هڪ چٺي ڪري ۽ ان ۾ لکيل هو: ”اها چٺي خدا عَزَّوَجَلَّ جي طرفان ان جي شڪر گذار ۽ مخلص ٻانهي جي لاءِ آهي، واپس وڃ تنهنجا سمورا گناھ معاف ڪيا ويا آهن.“

(عاشقان رسول جون 103 حڪايتون ص:95 روض الرياحين ص 108 ملخصا،)

اچو! هاڻي عاشقانِ رسول حاجين جون محبت ڀريون ٻه عجيب و غريب حڪايتون ٻڌون ٿا:

حضرتِ سيّدُنا فُضيل بن عِياض رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”عرفات جي ميدان ۾ حاجي دعا ۾ مشغول هئا، منهنجي هڪ نوجوان تي نظر پئي جيڪو مٿو جهڪائي شرمسار بيٺو هو، مون چيو: اي نوجوان! تون به دعا ڪر. اهو چوڻ لڳو: مون کي ته ان ڳالهه جو خوف ٿي رهيو آهي ته جيڪو وقت مون کي حاصل ٿيو هو، شايد اهو ختم ٿي ويو هاڻي ڪهڙي منهن سان دعا ڪيان! مون چيو ته تون به دعا ڪر ته جيئن الله عَزَّوَجَلَّ تو کي به هنن دعا گهرڻ وارن جي بَرَڪت سان ڪامياب فرمائي. حضرت سيّدُنا فُضيل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ان دعا جي لاءِ هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪدم ان تي رِقت طاري ٿي وئي ۽ هڪ رَڙ ان جي وات مان نڪتي، تڙپي ڪِري پيو ۽ ان جو روح خاڪي جسم مان پرواز ڪري ويو. (ڪشف المحجوب 363)