Book Name:Aashiqon ka Hajj

1.   معراج صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سفر تي روانه ٿيندا هئا ته پنج (5) شيون پاڻ سان گڏ رکندا هئا. (1) آئينو (2) سُرمي داڻي (3) قئنچي (4) مسواڪ (5) ڪنگھو۔

(المعجم الاوسط، ۲/۲۰، الحديث: ۲۳۵۲، ملخصاً)

2.    پنهنجي رشتيدار دوست، احباب ۽ متعلقين سڀني جي دين، جان، مال، اولاد، تندرستي ۽ عافيت خدا کي سونپي سفر تي روانو ٿيڻ گھرجي سفر ۽ سفر جي آداب جي مزيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب احياءُ العلوم جلد ٻيون صفحي 885 کان 970 ۽ بهارِ شريعت جلد پهريون صفحي 1051 کان 1067 جو مطالعو ڪيو. اِنْ شَآءَاللہ عَزَّوَجَلَّ مفيد معلومات جو ذخيرو هٿ ايندو.

هڪ شخص حضرت سيّدنا حاتِم اَصَمّ عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ الاَکْرَم کي عرض ڪيو ته مون کي حج جو سفر ڪرڻو آهي۔ ڪو اهڙو همسفر ٻڌايو جنهن جي سٺي صحبت جو فيض حاصل ڪندي الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي سگهان۔ فرمايائين؛ اي ڀاءُ! جيڪڏهن توهان همنشين چاهيو ٿا ته قرآن پاڪ جي تلاوت جي همنشيني (يعني صحبت) اختيار ڪريو ۽ جيڪڏهن ساٿي چاهيو ٿا ته فرشتن کي پنهنجو ساٿي بڻايو ۽ جيڪڏهن دوست درڪار هجي ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي دوستن جي دلين جو مالڪ آهي ۽ جيڪڏهن توشو (سفر جو خرچ وغيره) چاهيو ٿا ته الله تعاليٰ تي يقين سڀني کان بهترين توشو آهي ۽ ڪعبة الله کي پنهنجي سامهون تصور ڪري خوشيءَ سان ان جو طواف ڪريو۔ (بحرالدموع ص ۱۲۵ از عاشقانِ رسول جون 130حڪايتون ص 101)

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سيّدنا حاتِم اَصَمّ عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ الاَکْرَم جن ڪيتري پياري نصيحت فرمائي. ڪاش! جو اسان به ان نصيحت تي عمل