Book Name:Aashiqon ka Hajj

جنهن وقت گرمي جي شدت جي ڪري جيئڻ مشڪل سمجھي ان وقت محشر جي گرمي کي ياد ڪري ته قيامت جو ڏينهن پنجاھ هزار سالن جو ڏينهن هوندو، سج سَوا نيزي تي رهي باھ وسائي رهيو هوندو، ان جي تپش کان بچڻ جي لاءِ ڪا ڇانو ميسّر نه هوندي، تپندڙ زمين تي پيرين اُگھاڙي بيهاريو ويندو، گرمي ۽ اُڃ کان بُرو هال هوندو.

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي پنهنجا دنيوي معاملا شريعت جي مطابق گذارڻ سان گڏ پنهنجي آخرت جي خوب خوب تياري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مجھ پہ چشمِ شفا کیجئے

 

دُور بارِ گناہ کیجئے

مال کے جال میں پھنس گیا

 

مجھ کو آقا رِہا کیجئے

یانبی آپ ہی کچھ علاج

 

نفس وشیطان کا کیجئے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! سفر چاهي دنيوي هجي يا اُخروي ان جي تياري جا ڪجھ آداب هوندا آهن. جيڪڏهن تياري ۾ ڪمي رهجي وڃي يا دورانِ سفر آداب جو خيال نه رکيو وڃي ته سفر ۾ مشڪلات ۽ مشقت کي منهن ڏيڻو پئجي سگھجي ٿو. جيڪڏهن اُخروي سفر جي لاءِ چڱن عملن جي صورت ۾ سفر جو سامان گڏ هوندو ته اِنْ شَآءَاللہ عَزَّوَجَلَّ آساني سان منزل تائين پهچي وينداسين ۽ ڪا پريشاني به نه ٿيندي. ۽ دنيوي سفر جا به ڪجھ آداب آهن. اچو ته! ان مان ڪجھ آداب ٻڌون ٿا: