Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰٓئِکَ ہُمۡ خَیۡرُ الۡبَرِیَّۃِ ؕ﴿۷﴾ جَزَآؤُہُمۡ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ جَنّٰتُ عَدۡنٍ تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِہَا الۡاَنۡہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَاۤ اَبَدًا ؕ رَضِیَ اللّٰہُ عَنۡہُمۡ وَ رَضُوۡا عَنۡہُ ؕ( پ30، البينة: 7،8)

 

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون اهي ئي سموري مخلوق کان بهتر آهن. انهن جو انعام سندن رب وٽ ٽڪڻ جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون جن ۾ هميشه هميشه رهندا، الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا.

اِنَّ الۡحَسَنٰتِ یُذۡہِبۡنَ السَّیِّاٰتِ ؕ

(پ 12، هود:114)

 

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ چڱايون بُراين کي مٽائي ڇڏينديون آهن.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ کان بعد نيڪ عمل ڪندا آهن، الله عَزَّوَجَلَّ ان خوش نصيبن کي ايتري قدر ثواب عطا فرمائيندو آهي جنهن جي ڪا انتها ناهي گڏوگڏ جنتي باغ ان جو ٺڪاڻو بڻجندا آهن ۽ ڪرم تي ڪرم اهو جو چڱي عملن جي سبب ان جون برائيون مٽايون وينديون آهن، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته زندگي کي موت کان پهرين، تندرستي کي بيماري کان پهرين، جواني کي پوڙهائپ کان پهرين ۽ واندڪائي کي مصروفيت کان پهرين غنيمت ڄاڻيندي آخرت جي لاءِ نيڪين جو خوب خوب ذخيرو جمع ڪريون ۽ گناهن کان بچندي اخلاص ۽ استقامت سان گڏ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن مصروف رهون.

حضرتِ سَيدُنا جابر بن عبدُاللہ رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا ته نبيِ مُڪَرَّم، نُورِمُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن خطبو ڏيندي ارشاد فرمايو: اي انسانو! مرڻ کان پهرين الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ توبھ ڪريو ۽ مشغوليت کان پهرين چڱا اعمال ڪرڻ ۾ جلدي ڪريو ۽ ڪثرت سان ذڪرُ الله ۽ پوشيده