Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

جي اها چڱي عادت ان جي گناهن کان بچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي جهڙي طرح ان حڪايت مان معلوم ٿيو ته بني اسرائيل جي ان نيڪ شخص جي دل جيئن ئي گناھ جي طرف مائل ٿي، احتساب ڪرڻ جي عادت جي سبب فورًا ئي ان جي وات مان هي جملو نڪتو: ”اي نفس! الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄ.“ ۽ ان تي خوف خدا جو اهڙو غلبو ٿيو جو اهو گناھ ڪرڻ کان بچي ويو گڏوگڏ هي به معلوم ٿيو ته مشڪل وقت ۾ نيڪ عمل ئي انسان جي ڪم ايندا آهن، گھڻو ڪري چڱن عملن جي سبب الله عَزَّوَجَلَّ جي اهڙي مدد حاصل ٿيندي آهي جو وڏي کان وڏي مصيبت آسان ٿي ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ان نيڪ شخص گناھ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عبادتن جو وسيلو پيش ڪندي ڇت جي بلندي کان ٽپو ڏنو ته الله عَزَّوَجَلَّ جي مدد جي سبب جاني هلاڪت ۽ جسماني مصيبت کان محفوظ رهيو. ياد رهي ته اسان جي شريعت ۾ پنهنجو پاڻ کي هلاڪت ۾ وجھڻ جي اجازت ناهي. بهرحال اسان کي گھرجي ته پنهنجي عملن جو محاسبو ڪندي پاڻ کي گناهن کان بچايون ۽ وڌ کان وڌ چڱا عمل بجا آڻيون، نيڪ عملن جي سبب نه صرف الله عَزَّوَجَلَّ جي مدد حاصل ٿيندي آهي بلڪه دنيا ۽ آخرت جون بي شمار سعادتون نصيب ٿينديون آهن، ان کان علاوه نيڪيون گناهن کي مٽائڻ جو ذريعو به آهن، قرآنِ ڪريم ۾ جڳھ جڳھ چڱن عملن جا فضائل بيان ڪري ان جي ترغيب ڏياري وئي آهي.

اچو ته انهي متعلق 3 فرمانِ خداوندي ٻڌون ٿا:

اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَہُمۡ اَجۡرٌ غَیۡرُ مَمۡنُوۡنٍ ٪﴿۸﴾ (پ 24، حم السجدة:8)

 

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيائون انهن جي واسطي بي انتها ثواب آهي.