Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

﴿6دُرُود شَفَاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ

شافع امم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي.([1])

صَـــلُّـــوْا عَـــلَـی الْــحَـــبِــيْــب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

﴿1 هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ

حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: انهي درود شريف کي پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن. ([2])

﴿2﴾ هر رات عبادت ۾ گذارڻ جو آسان نسخو

غرائب القرآن صفحه 187 تي هڪ روايت نقل ڪئي وئي آهي ته جيڪو شخص رات ۾ ٽي ڀيرا هي دعا پڙهندو ته ان ڄڻ شبِ قدر کي حاصل ڪري ورتو لهٰذا هر رات هي دعا پڙهڻ گهرجي. دعا هي آهي:

 



[1]… الترغیب والترهیب، ج ۲، ص ۳۲۹، حدیث ۳۱

[2] مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305