Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

پهرين ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: * ٻه رڪعتون مسواڪ (يعني ڏندڻ) ڪري پڙهڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهن ـ (الترغيب والترهيب ج 1 ص 102 حديث 18) * مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو ڇو ته هي وات جي صفائي ۽ ربّ تعاليٰ جي رضا جو سبب آهي ـ (مسند امام احمد بن حنبل ج 2 ص 438 حديث 5869) * حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، مهارن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿين ٿا، ربّ عَزَّوَجَلَّ راضي ٿئي ٿو. * سيّدنا امام شافعي عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ الۡـقوي فرمائن ٿا: چار شيون عقل وڌائينديون آهن: فضول ڳالهين کان پرهيز، مسواڪ جو استعمال، نيڪ ماڻهن جي صحبت، پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ (حياة الحيوان ج 2 ص 166) مسواڪ پيلو يا زيتون يا نم وغيره جي ڪَوڙي ڪاٺي جو هجي مسواڪ جي ٿولھ چيچ جي برابر هجي * مسواڪ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه، جو هي سنّت ادا ڪرڻ جو ذريعو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا سمنڊ ۾ وجھي ڇڏيو ـ

هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتين اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

تین دن ہر ماہ جو اپنائے مَدَنی قافلہ

بے حِساب اُس کا خُدایا! خُلد میں ہو داخلہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد