Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

المدينه بالغان ۾ قرآنِ ڪريم پڙهڻ پڙهائڻ واري مدني انعام تي عمل ڪرڻ به لازمي باعثِ سعادت آهي. الله عَزَّوَجَلَّ جي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بي شڪ ماڻهن ۾ ڪجھ الله وارا آهن. صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جن عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي ڪير آهن؟ فرمايو: قرآن پڙهڻ وارا جو اهي ماڻهو الله وارا آهن ۽ خاص ۾ شامل آهن. (ابن ماجہ،ڪتاب السنة، باب في فضل من تعلم القرآن وعلمہ ، ۱/ ۱۴۰،حديث: ۲۱۵) * مختلف ورد ۽ وظيفا پڙهڻ وارا مدني انعام جيڪي ذڪر ۽ اذڪار جي ترغيب تي مشتمل آهن. ذڪر جي فضيلت جي باري ۾ حديثِ قدسي ۾ اچي ٿو ته الله عَزَّوَجَلَّ فرمائي ٿو: جڏهن منهنجو ٻانهو منهنجو ذڪر ڪندو آهي ۽ ان جا چپ منهنجي لاءِ هلندا آهن ته آئون ان سان گڏ هوندو آهيان. (ابن ماجہ، ڪتاب الادب، باب فضل الذڪر، ۴/۲۴۳، حديث:۳۷۹۲) * سومر جي ڏينهن روزي رکڻ واري مدني انعام تي عمل ڪرڻ به حديثِ پاڪ جي روشني ۾ پسنديده عمل آهي. فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:سومر ۽ خميس جي ڏينهن اعمال پيش ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري آئون پسند ڪريان ٿو ته جڏهن منهنجو عمل پيش ڪيو وڃي آئون روزيدار هجان. (ترمذی ،ڪتاب الصوم، با ب ماجاء في صوم يوم الاثنين والخميس ، ۲/۱۸۷، حديث: ۷۴۷) * مريض جي عيادت ڪرڻ وارو مدني انعام به نهايت اهميت جو حامل آهي ڇو جو محسنِ انسانيت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ته جيڪو شخص ڪنهن مريض جي عيادت ڪندو آهي ته هڪ منادي (اعلان ڪرڻ وارو) آسمان مان ندا (اعلان) ڪندو آهي ته خوش ٿي وڃ جو تنهنجو هي هلڻ مبارڪ آهي ۽ تو جنت ۾ پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ورتو آهي. (ابن ماجہ ،ڪتاب الجنائز ،باب ما جاء في ثواب من عا د مريضا، ۲/۱۹۲،حديث: ۱۴۴۳)