Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

انعام مغرب کان بعد ادا ڪيا ويندڙ اوابين جي نفلن جي باري ۾ به آهي. ان جي فضيلت ۾ اچي ٿو ته جيڪو شخص مغرب کان بعد ڇھ (6) رڪعتون اهڙي طرح ادا ڪري جو انهن جي درميان ڪا بُري ڳالھ نه چوي ته هي ڇھ (6) رڪعتون ٻارنهن (12) سالن جي عبادت جي برابر آهي. (ابن ماجہ، ڪتاب اقامة الصلوٰة…الخ،باب ما جاءفي الست رڪعات …الخ،۲/۴۵،حديث:۱۱۶۷) * چاشت جا نفل ادا ڪرڻ وارو مدني انعام به زبردست فضيلت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. جناب صادق و امين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ فرمائي ٿو اي ابنِ آدم! تون ڏينهن جي شروع ۾ چار (4) رڪعتون ادا ڪرڻ کان عاجز نه رهه، آئون ڏينهن جي آخر تائين تنهنجي ڪفايت ڪندس. (السنن الڪبريٰ ۱/ ۱۷۷،حديث: ۴۶۸) * ڪوڙ کان بچڻ واري مدني انعام تي عمل ڪرڻ به جنتي گھر حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو حق تي هوندي جھڳڙو ختم ڪري آئون ان جي لاءِ جنت جي ڪناري هڪ گھر جي ضمانت ڏيان ٿو ۽ ڪوڙ ڇڏڻ واري کي جنت جي وچ ۾ هڪ گھر جي ضمانت ڏيان ٿو جڏهن ته اهو مِزاح (خوش طبعي) جي طور تي ڪوڙ ڳالهائيندو هجي ۽ چڱي اخلاق واري کي جنت جي اعلٰي درجي ۾ هڪ گھر جي ضمانت ڏيان ٿو. (ابو داؤد ،ڪتاب الادب، باب في حسن الخلق ، ۴/ ۳۳۲، حديث: ۴۸۰۰) * غيبت کان بچڻ واري مدني انعام تي عمل ڪرڻ قُربِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. سلطانِ بحروبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته جنهن جو مال گھٽ هجي ۽ اهل و عيال زياده ٿيو ۽ نماز سٺي ٿي ۽ ان مسلمانن جي غيبت نه ڪئي، جڏهن اهو قيامت جي ڏينهن ايندو ته مون سان گڏ هن طرح هوندو جيئن منهنجون هي ٻه (2) آڱريون آهن. (مجمع الزوائد، ڪتاب الزھد ، باب في من قلّ مالہ وڪثرت عيالہ، ۱۰/ ۴۴۹، حديث: ۱۷۸۶۸) * مدرسة