Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

توهان کي اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ قلبي سڪون نصيب ٿيندو، باطن جي صفائي ٿيندي گڏوگڏ خوفِ خدا عَزَّوَجَلَّ ۽ عشقِ مصطفٰي جا چشما توهان جي دل مان نڪرندا. اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ توهان جي علائقي ۾ دعوتِ اسلامي جو مدني ڪم حيرت انگيز طور تي وڌندو. جيئن ته مدني انعامات تي عمل الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. تنهنڪري شيطان توهان کي ڪيتري ئي سُستي ڏياريندو، طرح طرح جا بهانا ذهن ۾ آڻيندو، توهان جي دل نه لڳي سگھندي پر همت نه هارجو، اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ دل لڳي ئي ويندو.

اے رضاؔ ہر کا م کا اِک وقت ہے

دِل کو بھی آرام ہو ہی جائے گا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته مزيد مدني انعامات جا مختصر فضائل ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جي دل ۾ نفس ۽ عملن جو محاسبو ڪرڻ جي مزيد رغبت پيدا ٿي سگھي جيئن ته * هن مدني انعامات مان هڪ مدني انعام تمام گناهن کان توبھ ڪرڻ وارو به آهي. توبھ ڪرڻ واري جي باري ۾ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: سڀ انسان خطاڪار آهن ۽ خطاڪارن مان بهتر اُهي آهن جيڪي توبھ ڪري وٺندا آهن. (ابن ماجہ، ڪتاب الزھد، باب ذڪر التو بہ، ۴/۴۹۱، حديث:۴۲۵۱) * اهڙي طرح تهجد ادا ڪرڻ واري مدني انعام جي اهميت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳايو ته رسولِ اڪرم ، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: فرض نماز کان بعد سڀ کان افضل نماز رات جو پڙهي ويندڙ نماز آهي. (مسلم، ڪتاب الصيام،ص۵۹۱،حديث:۱۱۶۳) * هڪ مدني