Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

اڄڪلھ عام طور تي ماڻهو گھر کان ٻاهر ته ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي کي سلام ڪري وٺندا آهن پر گھر ۾ داخل ٿيڻ وقت گھروارن کي سلام نه ڪندا آهن، بلڪه خاموشي سان گھر ۾ داخل ٿي ويندا آهن، هي طريقو خلافِ سُنت آهي جڏهن ته گھر ۾ داخل ٿيڻ وقت سلام ڪرڻ سُنت به آهي ۽ باعثِ خير و برڪت به آهي.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته هنن مدني انعامات تي عمل ڪرڻ جون ڪهڙيون نه برڪتون آهن جوهنن جي ذريعي جتي فرائض ۽ واجبات تي استقامت حاصل ٿيندي آهي، اُتي پنهنجي اندر ۾ موجود معاشرتي ۽ اخلاقي خامين (يعني ڪمزورين) کي ختم ڪرڻ جو موقعو به ملندو آهي. هي ته ڪجھ مدني انعامات جي برڪتن جي باري ۾ اسان ٻڌو، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سڀ جا سڀ مدني انعامات پنهنجي اندر ڪيتري قدر رحمتون ۽ برڪتون رکن ٿا. جيڪڏهن اسان صحيح معنٰي ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جا فرمانبردار، سچا عاشقِ رسول ۽ باعمل مسلمان بنجڻ چاهيون ٿا ته اسان کي شيخ طريقت، اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جا عطا ڪيل مدني انعامات ضرور اپنائڻ گھرجن، هي مدني انعامات راھِ نجات اپنائڻ ۽ نيڪ بنجڻ جو بهترين مدني نسخو آهن ۽ بالخصوص گناهن جي مرض جي لاءِ دوا ثابت ٿيندا آهن. اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه فرمائن ٿا: مونکي مدني انعامات سان پيار آهي. فرمائن ٿا: جيڪڏهن توهان الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي خاطر سچي دل سان انهن کي قبول ڪري انهن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ته توهان زندگي ۾ جلد ئي اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جون برڪتون ڏسي وٺندا.