Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

الصحبة،الباب الرابع ،الجزء۹،۵/۵۱، حديث:۲۵۲۸۲) نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته ڪي به ٻه (2) مسلمان ملاقات ڪندا آهن، پوءِ ٻئي مصافحو ڪندا آهن ته انهن ٻنهي جي جُدا ٿيڻ کان پهريان ئي انهن جا گناھ معاف ڪيا ويندا آهن. (مشڪاة المصابيح، ڪتاب الآداب، باب المصافحة والمعانقة،۲/۱۶۹،حديث:۴۶۷۹)

حضرت سَيّدُنا بَراء بن عازِب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي، انهن چيو ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته جيڪو شخص چار (4) رڪعتون ٻنپهرن کان پهرين پڙهي ڄڻ ته ان انهن رڪعتن کي شب قدر ۾ پڙهيو ۽ ٻه (2) مسلمان جڏهن مصافحو ڪندا آهن ته انهن جا گناھ ڇڻي ويندا آهن ڪو گناھ باقي نه رهندو آهي.

(مشڪاة المصابيح،ڪتاب الآداب،باب المصافحة والمعانقة، ۲/۱۷۱،حديث:۴۶۹۴)

صَـــلُّـــوْا عَـــلَـی الْــحَـــبِــيْــب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي ! ته بيان ڪيل احاديث ۾ جتي تمام گناهن جي معاف ٿيڻ جو ذڪر آهي، ان مان مراد صغيره (يعني ننڍا) گناھ آهن ڇو جو ڪبيره (يعني وڏا گناھ) ته سچي توبھ ڪرڻ جي بغير ۽ اهڙي طرح صاحبِ حق کان حق معاف ڪرائڻ جي بغير معاف نه ٿيندا آهن. بهرحال سلام نبين جي امام، خيرالانام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اهڙي مٺي مٺي سنت آهي جو ان جي ذريعي نفرت ۽ عداوت ختم ٿي ويندي آهي ۽ پاڻ ۾ دوستي ۽ محبت جي فضا قائم ٿيندي آهي. تنهنڪري اسان کي گھرجي ته هنن احاديثِ ڪريمه مان ملندڙ رنگ برنگ مدني گُلن جي روشني مان سلام کي عام ڪرڻ واري مدني انعام تي عمل ڪندي بغير تفاوت جي مسلمانن کي سلام ڪريون، چاهي انهن کي سڃاڻيندا هجون يا نه سڃاڻيندا هجون. اهڙي طرح جڏهن پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيون ته گھروارن کي سلام ڪريون.