Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

واري مسجد ڪجهه ويجھي هئي پر رستي ۾ بي جوڙ ناليون هيون۔ تنهن لاءِ ’’نوّاڪي مسجد‘‘ نماز پڙهڻ ايندا هئا. هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو صُبح جي نَمازجي لاءِ وڃي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ کُوھ هو، اڃا ڪجھ اونداهي هئي ۽ رستو به خراب هو، بي خَيالي ۾ کُوھ تي چڙهي ويا، عنقريب کُوھ ۾ پير هلي وڃي ها۔ ايتري ۾ هڪ عورت اچي وئي ۽ زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي! ”اڙي مولوي صاحِب کُوھ آهي رُڪجي وڃو! نه ته کوھ ۾ ڪِري پوندؤ!“ هي ٻڌي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قَدم روڪي ورتو ۽ پوءِ کُوھ تان لهي ڪري مسجد ويا. ان جي باوجود مسجد جي حاضري نه ڇڏي. (تذڪرهء صدرالشريعه،ص:۳۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي نمازِ باجماعت اَدا ڪرڻ جو ڪيترو جَذبو حاصل هو جو وڏي عمر ۾ جڏهن ته بينائي (نظر) به ڪافي ڪمزور ٿي چڪي هئي، ايتري قَدَر مَشَقَّت جي باوُجود نمازِ باجماعت اَدا فرمائڻ جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿيندا هئا. پر افسوس! ڪيترائي مُسلمان فقط سُستي، غَفلَت، معمولي پريشاني ۽ بيماري جي حالت ۾ نمازِ باجماعت ڇڏي ڏيندا آهن، تنهنڪري اسان به گھرجي ته پنج وقت نمازِ باجماعت اَدا ڪرڻ جي پابندي ڪريون جو مسجد ۾ نماز لاءِ وڃڻ واري جا گناھ معاف ٿيندا آهن، جيڪڏهن جماعت سان نماز پڙهي ته ان جي مَغفِرت ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن جماعت نڪري وڃي پوءِ به ان فضيلت جو حَقدار ٿيندو. جيئن ته

حضرتِ سَيّدُنا سَعيد بن مُسَيب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته جڏهن هڪ اَنصاري صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي موت جو وَقت قريب آيو ته فرمائڻ لڳا ته: آئون توهان کي فقط حُصُولِ ثواب جي نيت سان هڪ حديث ٻڌايان